علم زا
گرم تلخ ڪافي

گرم تلخ ڪافي

تلخ ڪافي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ مشروب ڪافي آهي. ڪافي ماڻهن کي ڪم دوران چُست رکندي آهي ۽ لکين ماڻهو واندڪائي ۾ ان جو مزو ماڻيندا آهن. هي عالمي مارڪيٽ جو هڪ اهم جُز ۽ پيٽرول کان پوءِ ٻيو اهم ترين ڪاروبار آهي. ڪافي جو رنگ گهاٽو ٿئي ٿو، ذائقي ۾ ٿوري تلخ ۽ تيزابيت واري آهي. هي انسانن ۾ پنھنجي بنيادي جز ڪيفين جي ڪري سرگرمي پيدا ڪري ٿي. لفظ ڪيفين جي باري ۾ هتي اسان کي خبر هئڻ کپي ته هي ڪافي مان ڪڍيل آهي ۽ دنيا جي ٻين لفظن جيان هيءُ به اصل عربي...

شراب: مزو یا عذاب

شراب: مزو یا عذاب

اسلام ۾ شراب پيئڻ جي جھل يا منع ٿيل آھي، ان کان دور رھڻ لاءِ اللہ ۽ ان جي رسول سختيءَ سان حڪم فرمایو آھي. جيڪڏھن اسان شراب بابت حقيقتون ڄاڻڻ چاھيون ۽ تاریخ جي ماخذن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ته اسان کي پتو پوي ٿو ته شراب سڀ کان اڳ ۾ اڀرندي یورپ ۾ ڪوہِ قاف جي علائقي واري ملڪ جارجیا ۾ 7000 کان 5000 سال اڳي ڪشید يا تيار ڪئي ويندي ھئي. ان کان پھرين ٻئي ڪنھن ھنڌ جي تيار ٿيندي به ھئي ته ان جون ڪي ثابتيون اڃا تائين ناھن مليون. تڏھن کان ئي انسان ’انگور کی ڌيءَ‘...

پوليو: ڪِنَي پاڻيءَ مان پکڙجندڙ بيماري

پوليو: ڪِنَي پاڻيءَ مان پکڙجندڙ بيماري

پوليو: ڪِنَي پاڻيءَ مان پکڙجندڙ بيماري اڄ جڏهن دنيا جي ترقي عروج تي پھتل آهي، تڏهن پاڪستان ۽ افغانستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جيڪي پوليو جھڙي موذي مرض سبب بري طرح متاثر آهن. پاڪستان ۾ پٺاڻن جو گهر خيبر پختونخوا هن بيماري جي وڪڙ ۾ آهي. ڪھاڻيءَ جو سڀ کان افسوس جوڳو پھلو اهو آهي ته اتي گهڻا ماڻهو هن بيماريءَ کان بچاءُ واري ويڪسين خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن، جيڪا انهن جي ٻارن کي هن بيماريءَ کان بچائي سگهي ٿي، پر اهي پنھنجن غلط مفروضن جي بنياد تي ايئن ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ کين باقاعده آگاهي ڏيڻ...

ٽِٽَ ڦُوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ

ٽِٽَ ڦُوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ

ٽِٽَ ڦُوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ پراڻي روم ۾ محل ۾ ٽِٽَ، ڦُوس ڏيڻ غيرقانوني هو. جڏهن ته انگلستان جي بادشاهه هينري ستين جي زماني ۾ مانيءَ کان پوءِ وڏي آواز ۾ اوڳرائي ڏيڻ وڏو پسنديده عمل سمجهيو ويندو هو. ٻين قديم معاشرن ۾ به ماني کائڻ کان پوءِ مھمان جيڪڏهن اوڳرائي نه ڏني ته سمجهبو هو ته ان کي کاڌو پسند نه آيو آهي. جيڪڏهن توهان ’بن حر‘ فلم ڏٺي آهي ته ان ۾ به حر جو عرب ميزبان بِن حر کي چوندو آهي ته ماني کائڻ کان پوءِ هو اوڳرائي ڏئي. جڏهن ته اڄ جي جاپان ۾ ڪا شيءِ...

کافی 2

کافی 2

عرب جو شراب سورهين صديءَ ۾ جڏهن ترڪن ٻيٽ جھڙي عرب تي قبضو ڪيو ته ڪافي جي کپت پوري سلطنتِ عثمانيھ ۾ شروع ٿي وئي. ان علائقي جا مسلمان نشي وارا شربت نه پيئندا هئا ۽ ڪافي ان جو بھترين نعم البدل هو جنھن کي“ڪاهوي” سڏيو ويو، جنھن جو مطلب هو “عرب جو شراب”. اهو لفظ عربي ٻولي ۾ لفظ “قھوه” مان نڪتو ۽ پاڻ ئي لفظ قَھِي مان نڪتو آهي، جنھن جو مطلب “آسودگي” آهي. هڪ وقت هو جڏهن ڪافي پيئڻ وارو موت جو حقدار هو. سلطنتِ عثمانيھ جي سلطان چوٿين قھوه خانن کي سخت نا پسند ڪيو...

گرين لينڊ

گرين لينڊ

گرين لينڊ دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. هتي لڳ ڀڳ ڇاونجاهه هزار ماڻهو آباد آهن. جيتوڻيڪ هي ڊنمارڪ سلطنت جو حصو آهي پر حڪومتي سرشتو پنھنجو اٿس. گرين لينڊ جو گهڻو تڻُو حصو اترئين قطب جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي ڪل پکيڙ 21,66,086 چورس ڪلوميٽر آهي (جنھن ۾ ننڍا ٻيٽ به شامل آهن)، جنھن مان لڳ ڀڳ 81 سيڪڙو يعني 17,55,637 چورس ڪلوميٽر حصو برف جي چادر سان دائمي ڍڪيل رهي ٿو. هتي موجود برف لڳ ڀڳ 28,50,000 مڪعب ڪلوميٽر آهي. گرين لينڊ جي اوچي ترين چوٽي گنبيورن فيالڊ آهي جنھن جي اوچائي 3700 ميٽر آهي. ...

جيتن جڻين کان بچڻ لاءِ صلاحون

جيتن جڻين کان بچڻ لاءِ صلاحون

جيتن جڻين کان بچڻ لاءِ صلاحون جيتن جڻين جي خاتمي واري صنعت لڳاتار ترقي ڪري رھي آھي. انھن جو تدارڪ چونڊ تدبيرن سان ممڪن آھي: سنڊي مينس توھان جتي به رھو ٿا، جيت جڻيا اتي ھڪ مستقل مسئلي جي صورت ۾ موجود ھجن ٿا. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته توھان جو گھر يا ملڪيت نئين آھي يا نه، جيت جڻيا لازمي توھان جي گھر تي ھلان ڪري ايندا. ۽ جڏھن اھو حملو ٿئي ٿو ته اھي ري سڏيا مھمان اڪيلي سر نه ٿا اچن بلڪه اھي پاڻ سان گڏ، اڻ ڳڻيا مسئلا به کنيو ايندا آھن. جيئن ته اھي...

دل ڌوڏيندڙ خبر

دل ڌوڏيندڙ خبر

علم زا ڊاٽ ڪام: جنوري 2026ع جا اڃا پندرهن ڏينھن ئي پورا نه ڪيا هئا جو ڊان اخبار پنھنجو اردو جو برقي صفحو (ويب سائيٽ) بند ڪري ڇڏيو. 6 فيبروري تي ان تي جيڪي پراڻا ڪالم يا مضمون پيل هئا اهي به هٽايا ويا آهن. ڊان اردو ڪافي وقت کان سٺي صحافت ڪري رهيو هو. ان جي انتطاميا ٻه يا ٽي سال اڳ ان جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي هئي. شروع ۾ ڪيترائي سال اڳ جڏهن اهو شروع ٿيو هو ته ڏاڍو دلڪش هوندو هو، سمجهو ته بي بي سي اردو جيان پڙهڻ تي دل چوندي هئي. ان ڳالهه جي...