کافی قسط 4

کافی قسط  4

يومِ قھوه مبارک

انڻٽيھه سيپٽمبر تي اڄ يومِ ڪافي ملهايو ويندو آهي. توهان سڀني کي مبارڪ هجي، انهن کي به جيڪي پي رهيا آهن ۽ انهن کي به جيڪي ڪافي اُپائي رهيا آهن. ڪافي ننڍي کنڊ ۾ ته نه پر دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ هڪ محبوب مشروب آهي. اسين ننڍي کنڊ وارا چانھه جا ديوانا آهيون. چيو وڃي ٿو ته تيل کان پوءِ ڪافي جو ڪاروبار سڀ کان گهڻو آهي. اسين ’علم زا‘ ۾ ان تي ٽي قسطون ڏئي چڪا آهيون، هاڻي هي چوٿين ۽ آخري قسط آهي. ان ۾ اسين ٻڌائينداسين ته ڪافي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيتري ٿيندي آهي.

اوچا ماڳ سٺا آهن
اوچا ماڳ ڪافي جي فصل لاءِ سٺا هجن ٿا. ٿڌي ۽ گهميل آبھوا ۾ ڪافي جو ميوو آهستي آهستي پچندو آهي ۽ هڪ نئون ذائقو پيدا ڪندو آهي. ايٿوپيا ۾ سمنڊ جي سطح کان 5000 فٽ (1500 ميٽر) اوچائي تي پوکيل ڪافي ۾ توهان ڪجهه تيز ذائقي جي توقع ڪري سگهو ٿا. برازيلي ڪافي 4000 فوٽ (1200 ميٽر) تي پوکبي آهي، اتي اهو ميوو سخت ٿئي ٿو ۽ ڪجهه چاڪليٽ واري مزي جو هوندو آهي. جڏهن ته 3000 فوٽ (900 ميٽر) جي اوچائي تي تي ٿيندڙ ڪافي ڪجهه ڦڪي، بي مزا هوندي آهي.

پيداوار ۾ ڪافي وقت لڳندو آهي
ٻوٽي کان توهان جي ڪوپ تائين ڪافي هڪ ڊگهي عمل مان گذرندي آهي. ڪافي ٺاهيندڙ پنھنجي ڪافي جي ٻوٽن جي ٽارين ۾ ميوو ٿيڻ تائين ڪي اڍائي سال کن انتظار ڪندا آهن. ٻوٽن جا شروعاتي ڇھه مھينا ڇانءُ وارين نرسرين ۾ گذرندا آهن، ان وقت انهن کي جهجهي سار سنڀال جي ضرورت پوندي آهي. آخري پر سڀ کان وڌيڪ محنت وارو مرحلو لابارو / چُونڊو آهي_ انهن ميون کي اڪثر هٿ سان چونڊيو ويندو آهي ڇو جو اهي وڻ لھوارين تي ٿيندا آهن.

موسمياتي تبديلي کان خطرو
هڪ پاسي ڪيفين وارن مشروبات لاءِ دنيا جي اُڃ وڌي رهي آهي، ٻئي پاسي ڪافي جي صنعت لاءِ موسمياتي تبديلي خطرو وڌائي رهي آهي. وڌندڙ عالمي گرمي پد ۽ موسم جي بي قاعدگي، گرمي ۽ برسات ۾ تبديليون، حساس عربيڪا ٻوٽن لاءِ تباهي آهن. برازيل ۾ 2050 تائين ڪافي اپائيندڙ زمين ڪافي لاءِ شايد مناسب نه رهي، جنھن سان گهڻا هاري بيروزگار ٿي ويندا.

ٿوڪ (ٻڌي ڪافي) جا ٿيلها
اهو ذڪر اڳواٽ ضروري آهي ته ڪافي ٻڌي مارڪيٽ (ٿوڪ منڊي) ۾ ڪيئن توربي آهي. روايتي طور تي ڪافي جون ڦَريون ذخيرو ڪرڻ ۽ هڪ کان ٻئي هنڌ نيئڻ لاءِ پٽسن جون وڏيون وڏيون ٻوريون، جن کي پاڪستان ۾ بارداڻو چوندا آهن، استعمال ٿين ٿيون. هڪ ٻوري ۾ 60 ڪلو گرام (130 پائونڊ) مال اچي ٿو، ڪافي لاءِ ان قسم جي ٿيلهي جي شروعات برازيل ۾ ٿي ۽ اهو عالمي معيار بڻجي ويو ۽ اڄ تائين ڪافي جي هڪ پيمائش به بڻيل آهي. مثال طور ڪافي جي پيداوار تي خوراڪ جي عالمي اداري جا انگ اکر 60 ڪلو جي ٿيلهن ذريعي ظاهر ڪيا ويا آهن. ڪجهه ملڪ، جھڙوڪ ڪولمبيا، 70 ڪلو گرام جا ٿيلها استعمال ڪن ٿا.

60 ڪلو جي ٻوري کي، پلاسٽڪ، پولي پروپلين يا پوليٿيلين جي وڏن ٿيلهن ۾ بدلايو پيو وڃي، جيڪي ڪافي جي برامدات لاءِ تيزيءَ سان استعمال ٿي رهيا آهن. خاص طور تي برازيل ۾.

جوٽ ياڪپڙي جي ٿيلهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي، ڇو ته اهي ماحول دوست هجن ٿا. جڏهن ته پلاسٽڪ جون ٿيلهيون هلڪيون آهن، گهم کان بچاءُ به آهي، سستيون ۽ جٽادار هجڻ سان گڏ انهن جون ٻيون به خاصيتون آهن پر اهي ماحول دوست نه آهن.

اچو ته مختلف ملڪن ۾ ڪافي جو حال ڏسون ٿا
(هي انگ اکر 2025/2026 جا آهن )

1. برازيل
ڇا توهان ڄاڻيو ٿا ته توهان جي پيالي ۾ ڪافي ڪٿان ايندي آهي؟ تمام گهڻو امڪان آهي ته برازيل جي هوندي. ڏکڻ آمريڪا جو هي ملڪ دنيا ۾ ڪافي جو سڀ کان وڏو پيداواري ملڪ آهي، جنھن 2025/2026 ۾ 63 ملين (6.3 ڪروڙ) ميٽرڪ ٽن ڪافي تيار ڪئي. برازيل دنيا جي ڪافي جي ڪل پيداوار جو لڳ ڀڳ 35.2 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو.

2. ويتنام
ويتنام دنيا جو ٻيو سڀ کان وڏو ڪافي پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. پر هي برازيل جي ڀيٽ ۾ اڌ پيداوار ئي ڏئي ٿو. ان 32 ملين ٿيلها پيدا ڪيا، جيڪو دنيا جي ڪل پيداوار جو 18 سيڪڙو ٿئي ٿو.

3. ڪولمبيا
ڪولمبيا ٽيون نمبر ڪافي پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جنھن 12 ڏهائي 5 ملين ٿيلها پيدا ڪيا، ان جو دنيا جي ڪافي ۾ حصو 12 سيڪڙو آهي.

4. انڊونيشيا
دنيا ۾ چوٿين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڪافي پيدا ڪندڙ ملڪ هميشه وانگر انڊونيشيا رهيو، ان 12 ڏهائي 37 ملين پيداوار ڏني. هي هر سال ڪافي جون لکين ٻوريون برآمد ڪندو آهي.
پھرين هتي هڪ جانور جو ذڪر ضروري آهي،جنھن کي انگريزيءَ ۾ ’سيويٽ‘ چوندا آهن. بنگلا ۾ ’باگداش‘ ۽ انڊويشين ۾ ’موسنگ‘، پاڪستان ۾ هي جانور نه هوندو آهي. اهو لومڙيءَ سان ملندڙ جلندڙ جاندار آهي. هي جانور هونءَ ته گوشت ۽ سبزي سڀ ڪجهه کائي ٿو، ۽ ڪافي جا ميوا ٻج سميت کائي ويندو آهي. اهو ٻج سندس پيٽان ثابت نڪرندو آهي، ته ان جي فضلي مان اهو ٻج ڪڍي گڏ ڪيو ويندو آهي، پوءِ ڌوئي ان کي پيھي ڪافي تيار ڪئي ويندي آهي، ان جو ته مزو ئي ٻيو هوندو آهي ۽ ڇا ته خوشبو هجي ٿي، واهه!
ان جي شروع ٿيڻ جي ڪھاڻي اها آهي ته سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ انڊونيشيا، پرتگالين، ڊچ ۽ انگريزن جي نو آبادي هو. نوان آبادڪار چاهيندا هئا ته مقامي ماڻهو انهن لاءِ ڪافي اُپائين ته مقامي ڪافي جا ڪجهه ميوا گڏ ڪرڻ وقت زمين تي اڇلائي ڇڏيندا هئا ته جيئن پوءِ اهي پنھنجي پيئڻ جي لاءِ گڏ ڪري سگهن. پر اهو جانور موسنگ انهن ميون کي کائي ڇڏيندو هو، ميوي جو ڳَر هضم ٿي ويندو هو ۽ ٻج سندس پيٽان ثابت نڪرندو هو. مقامي رهواسي اهي ٻج گڏ ڪري پيھي ڪافي ٺاهيندا هئا_ ۽ واهه، اهڙي طرح ڪيڏي نه مزي جي ڪافي وجود ۾ آئي. پر ڪجهه ماڻهو ان کي فضلي مان گڏ ڪرڻ جي ڪري ان کي مناسب نه ٿا سمجهن. ياد رهي ته موسنگ جي ڦوڱڻن مان جيڪا خوشبو ايندي آهي اها هڪ ڪيميائي مادي جي ڪري آهي. جيڪو ان جي هڪ غدود جنھن کي اردوءَ ۾ ”عجان“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”پيرينيم“ چوندا آهن مان ڪڍندا آهن.

5. ايٿوپيا
ان کان پوءِ نمبر اچي ٿو ايٿوپيا جو، جيڪو ڪافي پيدا ڪندڙ آفريڪي ملڪن ۾ پھرئين نمبر تي آهي. ايٿوپيا 11 ڏهائي 56 ٿيلها ڪافي پيدا ڪئي، جيڪا دنيا جي ڪل پيداوار جو 6 ڏهائي 5 سيڪڙو ٿئي ٿي.

6. يوگنڊا
آفريڪا ۾ ڪافي پيدا ڪندڙ هڪ ٻي قوم يوگنڊا آهي. ڪافي اُپائڻ ۾ هن ترقي ڪئي آهي. پھرين ان جو ڏهون نمبر هو پر هاڻي اهو ڇھين نمبر تي اچي ٿو. ان هن ڀيري 11 ڏهائي 56 ملين ٿيلها ڪافي پيدا ڪئي آهي. هاڻي يوگنڊا ڪل عالمي ڪافي جي پيداوار جو 4 سيڪڙو فراهم ڪندو آهي.

7. ڀارت
ڀارت به ڪنھن کان گهٽ ڪونهي، ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪافي پيدا ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ آهي.دنيا ۾ ڀارت پنھنجو ستون نمبر برقرار کيو آهي. هن 6 ڏهائي 43 ملين ٿيلها ڪافي پيدا ڪئي. اهو عالمي ڪافي جي پيداوار جو 3 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي.

8. هونڊوراس
وچ آمريڪا ۾ پھرئين نمبر تي ايندڙ هونڊوراس هِن سال عالمي منڊيءَ ۾ ڇھين نمبر تان کسڪي اٺي نمبر تي اچي ويو آهي. هن سال هونڊوراس 5 ڏهائي 53 ملين ٿيلها ڪافي پيداڪئي. هونڊوراس دنيا کي 3 ڏهائي 1 سيڪڙو ڪافي فراهم ڪئي آهي.

9. پيرو
ڏکڻ آمريڪا جو پيرو هن سال ڪافي جا 2 ڏهائي 7 ملين ٿيلها پيداوار ڏئي، نائين نمبر تي رهيو، جيڪو دنيا جي ڪافي جو 2 ڏهائي 7 سيڪڙو بڻجي ٿو.

10. ميڪسيڪو
دنيا ۾ ڪافي پيدا ڪندڙ چوٽيءَ جي ملڪن ۾ اتر آمريڪا جو ملڪ ميڪسيڪو به آهي، جنھن هن سال ڪافي جا 4 ڏهائي 08 ملين ٿيلها پيدا ڪيا آهن، جيڪو دنيا جي ڪافي جو 2 ڏهائي 7 سيڪڙو ٿئي ٿو.
هيٺ باقي ملڪن جي پيداوار جا انگ اکر ڏجن ٿا، جيڪي 2022ع جا آهن:
11. جمھوريه وچ آفريڪا 316 هزار ٿيلها
12. گوئٽي مالا 225 هزار ٿيلها
13. گني 200
14. لائوس 178
15. نڪارا گوا 143
16. چين 108
17. آيوري ڪوسٽ 91
18. ڪوسٽاريڪا 79
19. تنزانيه 63
20. ڪونگو 62
21. وينزويلا 56
22. مڊگاسڪر 49
23. ڪينيا 49
24. پاپوانيو گني 45
25. ايل سلواڊور 32
26. يمن 30
27. فلپين 30
28. روانڊا 27
29. ڪمبوڊيا 24
30. بوليويا 24
31. ڊامينڪن ريپبلڪ 23
32. ٽوگو 23
33. انگولا 20
34. ٿائي لينڊ 17
35. پناما 12
36. مالاوي 11

شتاب ڪافي: حقيقت ڇا آهي؟
شتاب (انسٽنٽ) ڪافي تي اسين اڳ به لکي چڪا آهيون ۽ هاڻي ڪجهه وڌيڪ تفصيل هتي ڏئي رهيا آهيون
لکي ٿو ڪيرن فريڊريڪ سن:
اچو ته سمجهون ته شتاب ڪافي ۽ عام ڪافي ۾ فرق ڪھڙو آهي؟ ۽ شتاب ڪافي آخر آهي ڇا؟
’شتاب‘ ڪافي باقاعده ڪافي جي ڀيٽ ۾ جلد تيار ٿي وڃي ٿي. هي سستي آهي ۽ آسان پڻ. اها ٻُورَي جي شڪل ۾ هوندي آهي، ان کي بس گرم پاڻيءَ ۾ وجهڻو پوي ٿو، جيئن اسين چانھه ٺاهيندا آهيون. شتاب ڪافي به ڪافي جي ثابت ۽ ڀُڳل ٻجن مان ٺھي ٿي. انهن کي پيھي ۽ پچائي پاڻي ڪڍيو ويندو آهي پوءِ ڪافي جو خشڪ ٻُورو رهجي وڃي ٿو. جڏهن توهين ان ٻُورَي کي پاڻيءَ ۾ وجهو ٿا ته پيئڻ جي لائق ڪافي تيار ٿيو پوي.

شتاب ڪافي ڪيئن ٺھندي آهي؟
’شتاب ڪافي‘ جو ٻُورو ٺاهڻ جا ٻه طريقا آهن: هڪ آهي ڦُڙا سُڪائڻ جو عمل؛ ٻيو ڪافي جي برف ڄمائي خشڪ ڪرڻ.

1. ڦُڙا يا بوندون سڪائڻ ۾ گرم ڪافي کي تقريباً 480 ڊگري فارن هائيٽ گرمي پد تي اوٻاري ان جي ڦڙن کي هڪ گرم توي تي اڇلائبو آهي. جڏهن ڪافي توي سان ٽڪرائجي ٿي ته پاڻي بخار بڻجي اڏري وڃي ٿو ۽ ڪافي خشڪ ٿي ذرڙا ذرڙا بڻجي وڃي ٿي.
2. ڪافي جي برف ڄمائي خشڪ ڪرڻ گهڻو عام آهي. ڪافي جو پاڻي ملائي پھرين هڪ محلول بڻايو ويندو آهي، جنھن کي پوءِ لڳ ڀڳ 20 ڊگري فارن هائيٽ تائين ٿڌو ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهو سڄو برف نه ٿي وڃي. ان کان پوءِ ان ڪَچِي برف کي ڪاٽو 40 ڊگري فارن هائيٽ جي گرمي پد تي هڪ تختي، پائپ يا تَس تي وڌيڪ ٿڌو ڪيو ويندو آهي، جنھن جي ڪري ڄميل ڪافي ڳوڙها بڻجي وڃي ٿي. هاڻي ان کي چُورو ڪيو ويندو آهي، جيڪو خشڪ ڪرڻ واري لاءِ اماڻيو ويندو آهي جتي برف بخار (ٻاڦ) بڻجي اڏري ويندي آهي ۽ ’شتاب ڪافي‘ جو ٻُورو رهجي ويندو آهي.
3.
شتاب ڪافِي ۾ ڪيفين ڪيتري هوندي آهي؟
شتاب ڪافِي ۾ عام ڪافِي جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪيفين هوندي آهي، جيڪا انهن ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي جيڪي گهٽ ڪيفين پسند ڪندا آهن. هڪ پيالي ’شتاب ڪافي‘ ۾ 30 کان 90 ملي گرام ڪيفين هوندي آهي، جڏهن ته عام ڪافِي ۾ 70 کان 140 ملي گرام ڪيفين اچي ٿي. ’شتاب ڪافي‘ جو هڪ امڪاني ناڪاري پھلو ان جي ڪيميائي ساخت آهي. ان ۾، هڪ نقصان ڪار ڪيميائي مادو ايڪريلامائيڊ هوندو آهي، جيڪو ڪافي جو ٻج ڀُنڻ تي ٺھي ٿو. شتاب ڪافي ۾ اهو مادو عام ڪافي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿي سگهي ٿو. ان ۾ اعصابي نظام کي نقصان پھچائڻ ۽ ڪينسر جي خطري کي وڌائڻ جي صلاحيت هوندي آهي، جيڪڏهن گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪئي وڃي. البت تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته شتاب ڪافي ۾ اهو ان مقدار کان گهٽ آهي جيڪو مقدار نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو.

شتاب ڪافي جا ابتدائي نسخا
جسٽن سليو ان لکي ٿو:
مارڪ پينڊر گاسٽ پنھنجي ڪتاب ’آڪسفورڊ ڪمپنين ٽو آمريڪن فوڊ اينڊ ڊرنڪ‘ ۾ لکي ٿو ته، شتاب ڪافي جا اوائلي نسخا جيڪي ملن ٿا اهي 1771ع جا آهن، جيڪي ڪافي جي يورپ ۾ اچڻ جي لڳ ڀڳ 200 سالن بعد جا آهن. جان ڊرنگ کي ان ”ڪافي آميزه“ (ڪافي مرڪب) جو حق ايجاد (پيٽنٽ) برطانيا ۾ ڏنو ويو هو.
پوءِ اوڻيھين صديءَ جي آخر ۾، گلاسڪو ۾ هڪ فرم ’ڪيمپ ڪافي‘ نالي جي هڪ شيءِ ايجاد ڪئي، اها شيءِ هئي پاڻي، کنڊ، ڪافي ۽ چڪوري (بيخ ڪاسني، سدا بھار ۽ نيرن گلن جي هڪ جهجهن فائدن واري ٻوٽي، جنھن جا پَنَ سلاد طور استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ٿلهي ٽڪنڊي پاڙ خشڪ ڪري ڀُني ويندي آهي، ان کي پيھڻ کان پوءِ ڪافي ۾ ملائي يا ڪافي جي نعم البدل طور استعمال ڪندا آهن)
جو. عام واهپيدارن لاءِ، ڪيمپ ڪافي جو هڪ نسخو 1800 جي ڏهاڪي جي وچ کان آخر تائين برطانيا تائين مارڪيٽ ۾ آيو.

گڏيل آمريڪا ۾، شتاب ڪافي جو سڀ کان قديم تذڪرو گهرو ويڙهه دوران ملي ٿو، جڏهن فوجي پنھنجي توانائي وڌائڻ جا اهڙا طريقا تلاش ڪري رهيا هئا، جيڪي آسانيءَ سان جنگي ڀڄ ڊڪ ۾ گڏ رکي سگهجن.

سان فرانسسڪو ۾ 1800 جي وچ جي آس پاس، جيمز فولگر ۽ ان جي پٽن هڪ ڪافي ڪمپني شروع ڪئي. فولگرز پھرين ڊٻي ۾ بند ٿيل ٻج وڪڻندو هو، جن کي گهر ۾ ڀُڃڻ ۽ پيھڻ جي ضرورت نه هوندي هئي، ان ڪري ان ”گولڊ رش“ جي زماني ۾ کاڻ کوٽيندڙن کي پاڻ ڏانھن متوجھ ڪيو. ان کان اڳ ڪافي جا ٻج ڀُڃڻ ۽ پِيھڻ هڪ مٿي جو سُور هو.

شتاب ڪافي واپار طور دستياب
لکي ٿو ڊريو اينگرر
ان کان پوءِ اها ڪمپني گڏيل آمريڪا ۾ ڪافي ٻن مشھور ۽ مقبول برانڊز مان هڪ ٿي وئي. ٻيو ميڪسويل هائوس هو. جيتوڻيڪ انهن مان ڪنھن به ڪمپني ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ تائين شتاب ڪافي متعارف نه ڪرائي، پر انهن پنھنجي پيٺل ڪافي جي ٻجن جي مرڪب مان پيئڻ لاءِ ڪافي ٺاهڻ آسان ڪري ڇڏيو.

1906 سائرس بلينڪ صفوف ڪافي کي سِيڌَي جي دڪانن تائين کڻي آيو. 1910ع ۾ جارج واشنگٽن (آمريڪي صدر نه) نالي هڪ يورپي پناهگير پڪل ڪافي مان ڪافي جي ٻُورَي کي بھتر ڪيو ۽ گڏيل آمريڪي رياست ۾ پھريون دفعو تجارتي پيماني تي شتاب ڪافي متعارف ڪرائي، جيڪا ان کان پوءِ پيئڻ لاءِ ٺاهڻ ۾ آسانيءَ جي ڪري پھرين عالمي جنگ دوران مقبول ٿي وئي.

شتاب ڪافي ۾ پوءِ وڏي بھتري 1938ع ۾ آئي جڏهن نيسلي نيسڪيفي جي شروعات ڪئي. ان کي مينار وانگر تندورن ۾ مايع ڪافي ڇٽڪاري خشڪ ڪري ٺاهيو ويو هو. اهو پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائڻ تي پيئڻ لائق ڪافي بڻجي ٿي ويو. اهو هاڻي به بازار ۾ گهڻين مقبول شتاب ڪافين مان هڪ آهي. ايئن سمجهو ته 2012ع ۾، نيسڪيفي شتاب ڪافي جي وِڪري جي 74 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪري ورتو.
شتاب ڪافي ۾ عام ڪافي جا تمام گهڻا فائدا برقرار رهن ٿا. ان ۾ ڪيترائي اينٽي آڪسيڊنٽ جزا هوندا آهن، بلڪه پچائڻ جي عمل جي ڪري ممڪن آهي ته اهي عام ڪافيءَ کان به وڌيڪ هجن. تجربن مان پتو پيو ته دماغي افعال کي بھتر بڻائڻ ۽ هاضمي جي نظام کي بھتر ڪري ٿي. ڪافي پيئندڙن ۾ ڪجهه اعصامي بيماريون جھڙوڪ الزائمر ۽ پارڪنسنز جي پيدا ٿيڻ جو امڪان به گهٽجندو آهي ۽ انهن کي شگر ۽ صلابتِ جگر(جگر جي سختي) ۽ جگر جي سرطان جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.

عالمي سطح تي شتاب ڪافي جي مقبوليت
شتاب ڪافي جي گهرج عالمي سطح تي وڌي رهي آهي. خاص ڪري چين ۾. چين جي باري ۾ پھرين مشھور هو ته اتي في ماڻهو سال ۾ ٻه ڪوپ ڪافي پيئندو آهي. (ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته هي اها مقدار آهي جيڪا ٻين جاين تي ماڻهو روز مانجهاندي کان اڳ ئي پي چڪا هوندا آهن)، ۽ هاڻي چين ڪافي جي چوٿين وڏي منڊي آهي، يعني هاڻي چيني ڪافي لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن. چيو ويندو آهي ته چين ۾ هر 15 ڪلاڪن کان پوءِ هڪ نئون اسٽار باڪس کُلندو آهي.

توهان کي شتاب ڪافي پسند هجي يا نه، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي اصلي ڪافي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ ان کي ٺاهڻ عام ڪافيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان آهي.
****************************************************************
حاشيو: * ڪو به ملڪ جيڪو ڪنھن به قسم جي ڪافي ساليانو 60000 ڪلو يا 132 ہزار پائونڊ، يعني 1000 ٻورين کان وڌيڪ پيداوار ڪري ٿو ته ان کي ڪافي پيدا ڪندڙ ملڪ سمجهيو وڃي ٿو.
هر سال 29 سيپٽمبر تي يومِ ڪافي ملهايو ويندو آهي.
هن مضمون لاءِ هيٺ ڏنل ويب سائيٽن مان مدد ورتي وئي آهي.

https://coffeeofthenorth.org/top-10-coffee-producing-countries-in-the-world/
Wikipedia
https://www.britannica.com/topic/coffee
https://www.ncausa.org/About-Coffee/What-is-Coffee
20 Fun Facts About Coffee - Coffee Informer

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ