جيتن جڻين کان بچڻ لاءِ صلاحون

جيتن جڻين کان بچڻ لاءِ صلاحون
جيتن جڻين کان بچڻ لاءِ صلاحون
جيتن جڻين جي خاتمي واري صنعت لڳاتار ترقي ڪري رھي آھي. انھن جو تدارڪ چونڊ تدبيرن سان ممڪن آھي: سنڊي مينس
توھان جتي به رھو ٿا، جيت جڻيا اتي ھڪ مستقل مسئلي جي صورت ۾ موجود ھجن ٿا. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته توھان جو گھر يا ملڪيت نئين آھي يا نه، جيت جڻيا لازمي توھان جي گھر تي ھلان ڪري ايندا. ۽ جڏھن اھو حملو ٿئي ٿو ته اھي ري سڏيا مھمان اڪيلي سر نه ٿا اچن بلڪه اھي پاڻ سان گڏ، اڻ ڳڻيا مسئلا به کنيو ايندا آھن. جيئن ته اھي جيت نه رڳو ڏسڻ ۾ ڀوائتا لڳن ٿا بلڪه اھي سولي زندگي گزارڻ جو تاثر به ڏين ٿا. ان ڪري گھر کي اھڙن جيتن کان صاف رکڻ ضروري آھي. ڇاڪاڻ ته انھن سان گڏ رھڻ سان توھان جا ڪجھه گھر ڀاتي بيماريءَ جو شڪار ٿي سگھن ٿا. ان ڪري ضروري آھي ته توھان پنھنجي گھر جي صفائيءَ جو ڪجھه حد تائين خيال رکو. جيڪڏھن توھان ڪڏھن به انھن ري سڏين مھمانن جي مصيبت ۾ مبتلا ٿيا آھيو يا اڃا انھن جو شڪار ھجو ته ھتي انھن انھن جيتن کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪي ترڪيبون ۽ تدبيرون ڏجن ٿيون.
گھر ۾ جيتن جي اچ وڃ کي ڪيئن روڪيو وڃي؟
پنھنجي گھر اندر جيتن جي آمدرفت کي روڪڻ لاءِ ھي تدبيرون ڪري ڏسو:
1. کاڌي پيتي جي جڳھه مقرر ڪرڻ
کاڌ خوراڪ جيتن جڻين کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آھي. اھو گھڻو ڪري اوڏي مھل ٿيندو آھي، جڏھن توھان ماني کائي، بچيل کاڌو اتي ئي ڇڏي ڏيو ٿا. اھا بچت سچت ۽ کاڌي جا ذرڙا لازمي طرح ڪيولين کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿا... ۽ ٻئي ڏينھن تي توھان ڏسندئو ته توھان جي پليٽ ڪيولين ۽ جيتن سان ٽٻ ٽار لڳي پئي ھوندي. ان ڪري ضروري اھي ته توھان پنھنجو اصول ٺاھي ڇڏيو ته ماني ٽڪي فقط رڌڻي يا کائڻ پيئڻ واري جاءِ تي ئي کائجي. پنھنجي ڪمري يا گھر جي ڪنھن ٻئي حصي ۾ کاڌي پيتي جي ڪا شيءِ نه آڻيو.
2. ھيٺ ڪريل شيون فورن ميڙي وٺجن:
ھيٺ ڪريل شيون جيتن کي پاڻ ڏانھن ڇڪينديون آھن. ھيٺ ڪريل خوراڪ يا شربت جا چُٽا، ڪيولين يا ٻين جيتن کي راغب ڪن ٿا. ان لاءِ اھڙيون شيون تڪڙ ۾ صاف ڪري وٺجن ۽ اھا صفائي فقط سامھون نظر ايندڙ شين تائين محدود نه رکجي بلڪه آس پاس واري گھرو سامان کي ھٽائي، کاڌي پيتي جي ننڍن ننڍن ذرڙن جي صفائيءَ جي به پڪ ڪندا ڪريو.
3. فرش جي روزانو صفائي
صفائي سٿرائي رکڻ وارو توھان جو جيڪو به طريقو ھجي، ڀلي فرش تي ٻھارو ڏيندا ھجو يا ويڪيوم ڪلينر سان صفائي ڪندا ھجو، پر ان کي روزانو جو معمول بڻائي ڇڏيو. کاڌ خوراڪ يا بچيل شربت فورن ھٽائي ڇڏجي ته جيئن جيت جڻين کي حملي جو موقعو نه ملي يا انھن جو انھيءَ گند ڪچري ڏانھن ڌيان نه ڇڪجي.
4. پنھنجو ڪچري وارو دٻو ڍڪي رکو
گند ڪچري وارن ڊٻن تي ڍڪ ھجڻ گھرجي. اھي کليل ھجڻ تي نه فقط خراب لڳن ٿا بلڪه ائين اھي جيتن جھڙوڪ: مڇرن، مکين ۽ ڪيولين جو ڌيان به توھان جي گھر ڏانھن ڇڪائين ٿا. ان کان سواءِ جڏھن ڪچري جا ڊٻا ڀرجڻ لڳن ته فورن انھن کي گھر کان ٻاھر کڻي وڃي، گند جي ڍير تي خالي ڪري اچجي.
5۔ نيڪال جون ناليون صاف رکو:
نيڪال واريون ناليون کڻي گھٽ استعمال ٿينديون ھجن يا وڌيڪ، اھي باقاعدگيءَ سان صاف ڪرڻ گھرجن. کاڌي پيتي جي اوبر سوبر به تڪڙ ۾ کڻي اڇلائي اچڻ کپي. اھا ڳالھه ياد رکو ته ڪيترا ئي جيت پاڻيءَ تي به ايندا آھن. ان ڳالھه جو خيال رکندي پنھنجي گھر جي نيڪال وارين نالين جي ڏارُن ۽ ڀڳل حصن جي مرامت ڪرائيندا رھو.
6. پنھنجو کاڌو پيتو مناسب طريقي سان محفوظ ڪريو:
غلط طريقي سان محفوظ ڪيل کاڌو نه فقط خراب جلد ٿئي ٿو بلڪه اھو جيتن جڻين کي به پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو. ان ڪري انھيءَ ڳالھه جو خاص خيال رکو ته توھان پنھنجي کاڌي کي مناسب طريقي سان بند ڪريو، ڇاڪاڻ ته ننڍڙا جيت ڪنھن به شيءِ ۾ گھڙي سگھن ٿا.
7. پنھنجي گھر کي بي ترتيبيءَ کان بچايو:
پنھنجي گھر کي بي ترتيبيءَ کا بچائي، توھان ھڪ تير سان ٻه شڪار ڪري سگھو ٿا. ائين توھان نه فقط بڇان ڏياريندڙ گند صاف ڪري سگھندا بلڪه جيتن کي به توھان پنھنجو گھر تاڙڻ کان روڪي سگھندا. ان ڳالھه جو خيال ھجيوَ ته جيتن جڻين کي بي ترتيب ۽ اونداھيون جايون پسند ھونديون آھن. ڇاڪاڻ ته اھڙين جاين تي اھي سولائيءَ سان لڪي سگھن ٿا. ان ڪري بي ترتيب شين کي گھر مان ھٽائي، پوءِ صفائي ڪريو ته انھن کي لڪڻ جون جايون ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.
8۔ ميون ۽ سبزين تي ڪرڙي نظر رکو:
ميون ۽ سبزين کي جيڪڏھن مناسب طريقي سان محفوظ نه ڪيو وڃي ته اھي جلد ڳري سڙي خراب ٿي وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ اھي شيون اسان جي غذائيت لاءِ لازمي آھن پر اھي جيتن کي سڏڻ لاءِ به وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان ڪري ميوا ۽ سبزيون جيئن ئي پچي راس ٿين، اھي استعمال ڪري وٺجن يا اھي وڌيڪ پڪيون ٿي ويون ھجن ته اڇلائي ڇڏجن. پڪل تازيون شيون مکين ۽ ڪيولين کي پاڻ ڏانھن ڇڪينديون آھن.
9.ڪاڪوس جي فليش جو وھڪرو:
جيڪڏھن توھان جي ڪاڪوس جي فليش وارو سرشتو خراب يا سست ٿي ويو ھجي ته سفيد وائن سرڪو ان جي ڀريل ناليءَ ۾ وجھو. سفيد سرڪو توھان جي پاڻيءَ جي وھڪري کي روان ڪري ٿو، جنھن سان توھان جي ڪاڪوس جو فليش تيز ٿي ويندو. ان ڏس ۾ اھا صلاح به ڏجي ٿي ته سفيد سرڪي جو ھڪڙو ڪوارٽ وجھي، ان کي ھڪ ڪلاڪ لاءِ ڇڏي ڏيو ۽ پوءِ فليش ڪريو.
ڊسپلي اسڪرين ٽريپ (ڄاري) لڳرائڻ:
بيسن يا وھنجڻ واري ٽب جي نيڪال وارين نالين تي ڄاريون يا ڍڪڻ لڳرايو. پلمبنگ جي حوالي سان ڪيون ويندڙ اڪثر فون ڪالون پاڻيءَ جي انھن نالين جي بندش بابت ھونديون آھن. اھي مسئلا گھڻو ڪري نالين ۾ گند ڪچرو ڦاسڻ سببان پيدا ٿين ٿا. سو ڄاريون لڳرائڻ کان پوءِ توھان نالين ۾ ڦاٿل ڪچرو اڳواٽ صاف ڪري سگھو ٿا.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ