دل ڌوڏيندڙ خبر

دل ڌوڏيندڙ خبر
علم زا ڊاٽ ڪام: جنوري 2026ع جا اڃا پندرهن ڏينھن ئي پورا نه ڪيا هئا جو ڊان اخبار پنھنجو اردو جو برقي صفحو (ويب سائيٽ) بند ڪري ڇڏيو. 6 فيبروري تي ان تي جيڪي پراڻا ڪالم يا مضمون پيل هئا اهي به هٽايا ويا آهن. ڊان اردو ڪافي وقت کان سٺي صحافت ڪري رهيو هو. ان جي انتطاميا ٻه يا ٽي سال اڳ ان جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي هئي. شروع ۾ ڪيترائي سال اڳ جڏهن اهو شروع ٿيو هو ته ڏاڍو دلڪش هوندو هو، سمجهو ته بي بي سي اردو جيان پڙهڻ تي دل چوندي هئي. ان ڳالهه جي سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته حڪومت ڊان جا اشتھار بند ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي خبرناهي ته اهو سبب آهي يا ماڻهن ۾ اردو مقبول نه رهي آهي. هاڻي اتي آخري خبر 13هين جنوري تي لڳل آهي، اها ڪڏهن ٿي هٽَي، ڪا خبر ڪونهي. ڇا ڊان ان صفحي کي ڪنھن ٻئي انداز ۾ آڻي رهيو آهي؟ يا بلڪل ئي بند ڪري رهيو آهي؟ انهن سوالن جا جواب شايد ايندڙ ڏينھن ۾ ملي وڃن. هونءَ ڊان ٽي ويءَ تي اردو نشريات پنھنجي زور شور سان جاري آهي.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ