کافی 2

کافی 2
عرب جو شراب
سورهين صديءَ ۾ جڏهن ترڪن ٻيٽ جھڙي عرب تي قبضو ڪيو ته ڪافي جي کپت پوري سلطنتِ عثمانيھ ۾ شروع ٿي وئي. ان علائقي جا مسلمان نشي وارا شربت نه پيئندا هئا ۽ ڪافي ان جو بھترين نعم البدل هو جنھن کي“ڪاهوي” سڏيو ويو، جنھن جو مطلب هو “عرب جو شراب”. اهو لفظ عربي ٻولي ۾ لفظ “قھوه” مان نڪتو ۽ پاڻ ئي لفظ قَھِي مان نڪتو آهي، جنھن جو مطلب “آسودگي” آهي. هڪ وقت هو جڏهن ڪافي پيئڻ وارو موت جو حقدار هو. سلطنتِ عثمانيھ جي سلطان چوٿين قھوه خانن کي سخت نا پسند ڪيو ٿي. سندس خيال هو ته انهن جاين تي عوام سندس خلاف منصوبا جوڙيندا آهن. 1511 عيسوي ۾ مڪي شريف جي ترڪ گورنر خير سگ ڪافيءَ تي پابندي هڻي ڇڏي ته ان سان ماڻهن ۾ انتھاپسندي جا خيال اڀرن ٿا، ان ڪري اها هڪ خطرناڪ شيءِ آهي. کيس يقين هو ته ڪافي شراب جيترو ئي هڪ خطرناڪ نشو ۽ شربت آهي جنھن جي قرآن مجيد ۾ منع ٿيل آهي. هن ڪافي جي سمورن ذخيرن کي ضبط ڪري باهه ڏئي ساڙائي ڇڏيو.
بھرحال مصر جي سلطان جي سفارش تي اها پابندي ختم ڪئي وئي. 1633ع ۾ سلطان مراد استنبول ۾ ڪافي جي استعمال کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو جنھن جي سزا موت به ٿي سگهي ٿي. سندس خيال هوته ماڻهو قھوه خانن ۾ گڏ ٿي سندس خلاف سازشون ڪن ٿا. هن ڪافي وڪرو ۽ خريد ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ٻيو ڀيرو ڏوهه ڪرڻ جي سزا اها هئي ته خريد ۽ وڪرو ڪندڙ کي چمڙي جي بيگ ۾ بند ڪري سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو هو. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هو ڪافي جو ڪاروبار گهٽائڻ ۾ ناڪام رهيو.
سورهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ۾ ڪيترن ئي يورپي ۽ وچ اوڀر جي حڪمرانن هن شربت تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. سورهين صديءَ ۾ ڪيٿوليڪ ڪليسا جي اڪثر پادرين کي يقين هو ته ڪافي پيئڻ سان ڪليسا جي رهواسين ۾ بُرائي پکڙجي ويندي، ڇو جو اها ڏاڍي ذائقيدار آهي. هو ان کي شيطان سان منسوب ڪندا هئا. آخرڪار پوپ ڪليمنٽ ستين ڪافي پيئڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڏنو ته هي هڪ معمولي شربت آهي. هن ان کي تمام گهڻو پسند ڪيو، ايستائين جو هن ان کي بپتسمو ڏئي ڇڏيو. پوپ جي هن مبارڪ فيصلي کان پوءِ ڪافي جو ڪاروبار سڄي دنيا ۾ ڄمي ويو.
هاڻي سمورن مذهبن ۾ صرف ٽي عيسائي فرقا ڪافي نه پيئندا آهن. اهي مورمن ڪليسا، سيونٿ ڊي ايڊونٽسٽ ۽ اسٽافيرين آهن. انهن جو خيال آهي ته گرم شربت صحت لاءِ مناسب نه آهي. مورمن عقيدي جا ماڻهو ڪافي نه پيئڻ جو هڪ سادو دليل ڏيندا آهن، ته “اسان کي يقين آهي ته نبي جوزف اسمٿ کي خدا جي طرفان وحي آئي هئي، ڪليسا کي هڪ مخصوص خوراڪ کائڻ جي هدايت ڏي.”

(جوزف جونيئر (23 ڊسمبر 1805 کان27 جون 1844): هي هڪ آمريڪي مذهبي اڳواڻ هو. هن مورمون ازم تي هڪ فرقي جو بنياد رکيو. سمٿ 24 سالن جي ڄمار ۾ “مورمن جو ڪتاب” شايع ڪيو. ان کان پوءِ هو وڌيڪ 14 سال جيئرو رهيو. موت جي وقت هن جي پوئلڳن جو تعداد هزارن ۾ هو. هن جو مذهب اڄ تائين زنده آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جا پوئلڳ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن).

قھوه خانا سماجي جايون هئا
ڪافي ٻين شربتن کان اوچي هئي ڇو جو ان کي عوامي قھوه خانن ۾ پيئبو هو، جيڪي وچ اوڀر کان وٺي آفريڪا تائين پکڙيل هئا. ماڻهو هتي مزو ماڻڻ ايندا هئا، ۽ انهن جو مقصد سماجي رابطن کي وڌائڻ ۽ سڄي ڏينھن جي اهم ترين خبرن کان آگاهه ٿيڻ به هو. 1675ع ۾ قھوه خانن جھڙيون جايون سڄي برطانيھ ۾ پکڙجي چڪيون هيون. انهن قھوه خانن کي باقاعده نالو ڏنو ويو. مثال طور: ٽرڪ هيڊ، دَ يرو شلم ڪافي هائوس، سلطانيس وغيره.
اڄ جي جديد دور جي قھوه خانن/ ڪافي هائوسن جي خاصيت ڪنھن شراب خاني/ بار يا ريسٽورنٽ سان ملندڙ جلندڙ آهي. پر ڪيفي ٽيريا کان مختلف آهن. وچ اوڀر ۽ اولھه جي ملڪن کان سواءِ جتي اولھه ايشيا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو آباد آهن... اتي جا ڪيترائي قھوه خانا “ شيشو” به پيش ڪندا آهن. عراقي، يوناني ۽ ترڪي ٻولين ۾ ان کي ’نارگيل‘ چوندا آهن (ياد رهي ته اردو ٻولي ۾ بانس يا نڙ کي اسين نرڪل چوندا آهيون، انهن جو ڪھڙو ڳانڍاپو آهي، خبر ناهي) جڏهن ته اُردو ۽ هندي ۾ هن کي “حقو” چئجي ٿو. حقي ۾ خشوبودار تماڪ ڇڪبو آهي. ايسپريسو بار، ڪافي هائوس جو هڪ قسم آهي. ان ۾ ايسپريسو ۽ ايسپريس مان تيار ٿيل مشروب پيش ڪيا ويندا آهن.
[ايسپريسو عام ڪافيءَ کان ان ڪري مختلف آهي جو اها ڪافي جي ٻج جي چوُري مان نه پر گهڻو پيٺل پاؤڊر مان ٺاهي ويندي آهي. ان کي ٻاڦ ذريعي پچايو ويندوآهي. ان ۾ ڪيفين گهڻي هجي ٿي. عام ڪافي ڇھه کان 12 اونس جي پيالي ۾ پيئبي آهي جڏهن ته ايسپريسو هڪ اونس جي پياليءَ ۾]
ثقافتي نظريي سان، قھوه خانا/ ڪافي هائوس وڏي پيماني تي سماجي رابطن جا مرڪز آهن: ڪافي هائوس جي پاڇي ۾ ماڻهو هڪ جاءِ تي گڏ ٿي سگهن ٿا جتي ڳالهه ٻولهه، لکڻ پڙهڻ، هڪ ٻئي سان تفريحي وقت گذاريندا آهن.... ڀلي اڪيلي يا گروپ ۾ هجن. جڏهن کان واءِ فاءِ جو استعمال عام ٿيو آهي ته ڪافي هائوس ماڻهن کي انٽرنيٽ جي سھوليت به ڏيڻ لڳا آهن ته جيئن اهي پنھنجا ليپ ٽاپ ۽ ٽيبليٽ استعمال ڪري سگهن. ڪافي هائوس پنھنجي گراھڪن کي غير رسمي ڪلبن جيان خدمتون پيش ڪندا آهن. 1950 ۽ 1960ع ۾ ڪافي هائوسن ۾ موسيقي، راڳ ۽ شاعري جو خاص طور تي شام جي وقت اهتمام ٿيڻ لڳو.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ