شراب: مزو یا عذاب

شراب: مزو یا عذاب


اسلام ۾ شراب پيئڻ جي جھل يا منع ٿيل آھي، ان کان دور رھڻ لاءِ اللہ ۽ ان جي رسول سختيءَ سان حڪم فرمایو آھي. جيڪڏھن اسان شراب بابت حقيقتون ڄاڻڻ چاھيون ۽ تاریخ جي ماخذن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ته اسان کي پتو پوي ٿو ته شراب سڀ کان اڳ ۾ اڀرندي یورپ ۾ ڪوہِ قاف جي علائقي واري ملڪ جارجیا ۾ 7000 کان 5000 سال اڳي ڪشید يا تيار ڪئي ويندي ھئي. ان کان پھرين ٻئي ڪنھن ھنڌ جي تيار ٿيندي به ھئي ته ان جون ڪي ثابتيون اڃا تائين ناھن مليون. تڏھن کان ئي انسان ’انگور کی ڌيءَ‘ یا اسان جي حساب سان ’ام الخبائث‘ جي عشق ۾ مبتلا رھيو آھي. اسان کي تاریخ ۾ کوڙ مثال ۽ واقعا ملن ٿا ته ڪوئي ماڻھو گھڻو شراب پيئڻ سبب یا ته ڪنھن ڪم ڪرڻ جي لائق نه رھيو یا موت جي اونداھين ۾ ھليو ويو. ۽ اسان اخبارن ۾ به وقتاً فوقتاً شراب جا ”ڪارناما“ پڙھندا ئي رھون ٿا. ننڍي کنڊ ۾ اھڙين خبرن ۾ جيڪا سڀ کان خوفناڪ خبر ھوندي آھي، سا اھا ته زھریلو شراب پیئڻ سبب ھيترا ماڻھو نور وڃائي ويٺا. اولھندي وارن ملڪن ۾ شراب کلئي عام پيتي وڃي ٿي ۽ ڪن موقعن تي ته اصل ھاري وڃي ٿي پر اھا به حقیقت آھي ته اُتي نشي ۾ الوٽ ٿيندڙ ماڻھن کي چڱي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي. ۽ اھي ماڻھو جيڪي روز شراب پي ٽُن ٿي وڃن ٿا، انھن سان اٿڻ ويھڻ کان عام ماڻھو لھرائڻ يا نٽائڻ لڳن ٿا.

اچو ته ڏسون ته اس سلسلي ۾ طبّي ماھرن ڇا ٿا چون؟ خاص ڪري اولھه وارن ملڪن جا:
لڪشمي لٽیمر جيڪا معدي ۽ آنڊن جي مرضن جي ماھر آھي، اھا لکي ٿي:
”شراب جا شوقین ماڻھو اھا سچائي ٻڌڻ ئي نه ٿا چاھين ته شراب نه رڳو اسان جي جسم تي نقصانڪار اثر وجھي ٿي، پر اسان جي دماغ تي، دل تي ۽ مدافعتي نظام تي به. معدي ۽ آنڊن جي ماھر جي حیثیت سان مان تفصیل سان ٻڌائي سگھان ٿي ته الڪوحل ڪھڙيءَ طرح ھاضمي جي نظام کي تباھه ڪري سگھي ٿو. نظام ھضم ۾ غذائي نالي، معدو، لبلبو، جگر ۽ وڏو آنڊو شامل آھن. ھتي مان اھا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھه به ٻڌائيندي ھلان ته اڄ ڪلھه جا نوجوان وڏي تعداد ۾ شراب ڏانھن مائل ۽ راغب ٿي رھيا آھن. منھنجي نون مریضن ۾ ٽيھه سال جي لڳ ڀڳ عمر وارا نوجوان گھڻا وڌي ويا آھن.
الڪوحل ڪيتري به مقدار ۾ پيئجي ته اھو معدي جي صحت کي ڪيترن ئي طریقن سان تباھه ڪري سگھي ٿو ۽ ان جا اگرا نتیجا به نڪري سگھن ٿا. امریڪا ۾ جيئن ته شراب پیئڻ کي برو نه ٿو سمجھو وڃي، تنھن ڪري اُتي عوامي صحت جو خیال رکندڙن ھڪڙو معیار مقرر ڪيو آھي ته ڪيترو شراب پيئڻ سان ڪو خاص نقصان نه ٿو ٿئي. اھو جيڪو معیار آھي، ان حساب سان ھڪڙي ڏينھن ۾ 12 اونس بیئر، 5 اونس شراب یا 8 اونس شرابِ شعیرہ (مالٽ) واپرائڻ کي محفوظ خوراک ٻڌايو وڃي ٿو. غذا جي رھنما اصولن مطابق مرد ھڪ ڏينھن ۾ مٿي ڏنل اونس جي حساب سان وڌ ۾ وڌ ٻه ڊوز يا ٻه خوراڪون وٺي سگھن ٿا ۽ عورتون انھن مان ھڪڙي ڏينھن ۾ فقط ھڪڙي ڊوز يا خوراڪ کان وڌيڪ نه واپرائين. اھڙيءَ طرح مرد ماڻھو ھڪڙي ھفتي ۾ فقط 14 خوراڪون يا ڊوز ۽ عورتون ستن کان وڌيڪ اصل نه پيئن.

الڪوحل سببان ھاضمي جا مسئلا
1. جگر جون بیماريون: جگر جي سوڄ، جگر ۾ چرٻي وڌڻ اھو مرض ٿئي ٿو. ھي مرض قابلِ علاج ضرور آھي، پر جيڪڏھن بروقت ان تي ڌيان نه ڏنو وڃي ته اھو سوزش پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. سُڳل جگر جا ٻه قسم ٿين ٿا: ھڪڙي جو الڪوحل واپرائڻ سان ڪو تعلق ناھي ۽ ٻئي قسم جي سوزش يا سوڄ الڪوحل جي واپرائڻ سبب ٿئي ٿي. انھن ٻنھي قسم جي حالتن ۾ ”ڪاري سائي“ (ھیپاٽائٽس) ٿيڻ ممڪن آھي. پر اھو خیال رھي ته الڪوحل جي واڌاري سان ٿيڻ واري سائي بگڙي به سگھي ٿي. ۽ اھو مرض جاري رھڻ جي صورت ۾ ان سان جگر تي رھڙون به اچي سگھن ٿيون. جيڪڏھن جگر جي مٿاڇري تي آيل رھڙون، زخم ٿي بگڙي وڃن ته مرض لاعلاج ٿي ويندو ۽ حالت نازڪ ٿي سگھي ٿي. ھوڏانھن جگر جي سُسڻ ۽ بي ڊول ٿيڻ (انگریزيءَ ۾ ان کي سرھوسس چئجي ٿو) سان رت ۾ ڳوڙھا بڻجن ٿا ۽ اھي نشانيون (سائي) یرقان، معدي مان رت وھڻ ۽ جگر پاران ڪم ڇڏڻ جو سبب بڻجن ٿيون. اھو بھرحال طي ٿيل آھي ته زخمي جگر پنھنجو ڪم مڪمل نه ٿو ڪري سگھي.
توھان جي جنھن به عضوي ۾ مستقل سوڄ رھي ٿي ته ان ۾ سرطان يا ڪينسر ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ۽ جگر ۾، جيڪڏھن سوڄ جاري ھجي يا جگر سسي وڃي ته به جگر يا جيئري جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ھاڻي جي علاج جي ڳالھه ڪجي ته جگر جي ڪينسر وارا مریض، جگر جي پیوند ڪاريءَ جا اھل ٿي سگھن ٿا. (لیڪن پیوندڪاري ھڪ ته ڪافي طبّي مشڪلاتن کان پوءِ ٿي سگھندي آھي. ان کان سواءِ جيڪڏھن اڄ 2023 ۾ ان جو خرچ ڏسجي ته ٽيھن کان پنجاھه لک رپيا ٿي سگھي ٿو. جگر واري ڪينسر جي ٻين طريقن جي علاج ۾ مناعتي علاج (انگریزيءَ ۾ امیونو ٿراپي)، شعاعن سان علاج (ریڊي ایشن ٿراپي)، خاص دوائن سان علاج ۽ ڪیمیائي علاج شامل آھن.
2. سوزشِ لبلبو: لبلبو، ھاضمي وارا خامرا (انزائم) ٺاھي ٿو، جيڪي کاڌي کي ذرو ذرو ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. لبلبو انسولین به ٺاھي ٿو، جيڪا رت ۾ شگر جي ليول کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿي. الڪوحل جو واھپو، لبلبي ۾ میں ساڙي، سوزش ۽ زخم ٿيڻ جو سبب بنجي ٿو. لبلبي جي سوڄ يا سوزش جوِ علاج ٿي سگھي ٿو. تنھن ھوندي به الڪوحل جو گھڻو استعمال، وقت گزرڻ سان اھڙي حالت پیدا ڪري ٿو، جيڪا بار بار سوزش ۽ زخم بنجڻ جو سبب ٿئي ٿي ۽ اھا لبلبي جي دائمي سوزشِ جو باعث بڻجي سگھي ٿي. ۽ ان جي نتیجي ۾ لبلبو ٺيڪ طور تي ڪم نه ٿو ڪري سگھي. لبلبي جي دائمي سوڄ لاعلاج ھوندي آھي. ان جو علاج، شراب جو واھپو ڇڏڻ ۽ مرضن جي علامتن ٿي ڌيان ڏئي، اھي نه ٿيڻ ڏيڻ ۾ آھي. جیئن سور جيڪڏھن ٿيندو ھجي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ دوا وٺڻ. جيڪڏھن لبلبو، خوراڪ کي ٽوڙڻ جي لاءِ مناسب تعداد ۾ انزائم پیدا نه ٿو ڪري ته مریضن کي ’لبلبي جي خامرن‘ واريون ٽڪيون کارايون وينديون آھن. لبلبي جي (پرانی) سوڄ مٺا پيشاب يا ذیابیطس به پيدا ڪري سگھي ٿي ۽ لبلبي جي ڪينسر جو خطرو وڌائي سگھي ٿو.
3. غذائي ناليءَ جا مسئلا: الڪوحل جو استعمال غذائي نالي (جيڪا نڙيءَ کان معدي تائين وڃي ٿي) ۾ ھيڪاندا مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. الڪوحل غذائي ناليءَ جي ھيٺئين حصي ۾ موجود عاصرہ (ھڪڙو گول ننڍڙو عضوو، جيڪو ناليءَ کي گھیريل رھي ٿو ۽ وقتِ ضرورت ناليءَ کي کولي ۽ بند ڪري ٿو) ان کي متاثر ڪري سگھي ٿو. جنھن جي نتیجي ۾ معدي وٽان غذائي ناليءَ ۾ وڌيڪ تیزاب پھچي سگھي ٿو. جيئن ته غذائي ناليءَ ۾ تیزاب کان بچاءَ جو ڪو انتظام نه ھوندو آھي، (جیئن معدي ۾ ھڪ لعابي يا آلي تھه (جھلّي) ھوندي آھي، جيڪا تیزاب کان معدي جي حفاظت ڪندي آھي، ان ڪري اھو تیزاب ساڙي ۽ تڪلیف جو سبب بڻجي ٿو. اھو ایسڊ رفلیڪس ھوندو آھي. وقت گزرڻ سان، اھا ڪيفيت به ڀوائتن مسئلن جو باعث بڻجي سگھي ٿي ۽ سرطان پيدا ٿي سگھي ٿو.
غذائي ناليءَ جي سرطان جا ٻه قسم آھن. ھڪڙو فلسي (ڇلرن واري) خلیي جو سرطان، ان جو تعلق شراب ۽ تماڪ جي استعمال سان آھي. ۽ ٻيو غدودي تھه يا جھلّيءَ جو سرطان جيڪو شراب استعمال ڪرڻ سان ناھي ٿيندو. غذائي ناليءَ جي سرطان جي علاج ۾ سرجري (جراحي)، شعاع ریزي ۽ ڪیمیائي علاج شامل آھن. غذائي ناليءَ جي سرطان وارن مریضن ۾ ڏٺو ويو آھي ته انھن مان فقط 20 سيڪڙو مريض پنج سال کن جيئرا رھي سگھندا آھن.
4. وڏي آنڊي جو ڪينسر: وڏي آنڊي جي ڪينسر جي شرح ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ۽ ننڍي عمر وارن ماڻھن ۾ به ان جي تشخیص ٿي رھي آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھاڻي ماڻھن کي مشورو ڏنو پيو وڃي ته اھي 50 جي بجائي 45 جي عمر ۾ پنھنجو معائنو ڪرائين. ظاھر ۾ اھو رجحان، زندگيءَ ۽ ماحولیاتي فيڪٽرن سبب سامھون آيو آھي. اسان اھو به ڄاڻون ٿا ته الڪوحل يا شراب جو استعمال وڏي آنڊي جي ڪينسر جو خطرو وڌائي ٿو. سرطان متعلق رضاڪار تنظیمون شراب کان مڪمل پرھیز جي تجویز ڏين ٿيون. پر اڃا به ڪجھه ماڻھو آھن، جيڪي اھو چون ٿا ته:
چھٹتی نہیں ہے منہ سے یہ کافر لگی ہوئی!
انھن کي سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته سندن آڏو ايندڙ ھر جام يا پيگ، کين وڏي آنڊي جي ڪينسر طرف وٺيو ٿو وڃي.
5. معدي جي لعابي تھه يا جھليءَ تي سوڄ يا سوزش: جيتوڻيڪ الڪوحل انھيءَ سوزش يا سوڄ جو بنیادي سبب ناھي، پر گھڻي مقدار ۾ شراب يا الڪوحل جو واھپو، لعابي جھليءَ تي سڌي سنئين نموني زھریلا اثر وجھي ٿو، جيڪو سور۽ آڦريءَ جو سبب بڻجي، معدي ۾ ناسور جوباعث بڻجي ٿو.
شراب گھٽائڻ سان ڪجھه فائدو ته ٿي سگھي ٿو پر اھو به درست آھي ته مستقل ۽ باقاعدگيءَ سان پیئڻ ۾ خطرا ئي ئي خطرا آھن ۽ مسئلي جي سنگیني وڌندي وڃي ٿي، علاج مشڪل کان مشڪل ۽ مھانگو ٿيندو وڃي ٿو. لڪشمي لٽیمر لکي ٿي: ’مان پنھنجن مریضن کي اھو چونديس ته شراب کان جيترو دور رھي سگھن ٿا، رھن. کين شراب بند ڪرڻ ۾ مشڪل ٿئي ته پنھنجي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن‘.
توھان ڏٺو ته اولھندي وارا ڊاڪٽر صاحبان شراب جي باري ۾ ڇا ٿا چون. اسان مسلمانن کي ته اڳي ئي اھڙي ھدایت ڪيل آھي.
ڪائزر پرمیننٽي جي ٿورن سان.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ