گرين لينڊ

گرين لينڊ

گرين لينڊ دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. هتي لڳ ڀڳ ڇاونجاهه هزار ماڻهو آباد آهن. جيتوڻيڪ هي ڊنمارڪ سلطنت جو حصو آهي پر حڪومتي سرشتو پنھنجو اٿس.

گرين لينڊ جو گهڻو تڻُو حصو اترئين قطب جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي ڪل پکيڙ 21,66,086 چورس ڪلوميٽر آهي (جنھن ۾ ننڍا ٻيٽ به شامل آهن)، جنھن مان لڳ ڀڳ 81 سيڪڙو يعني 17,55,637 چورس ڪلوميٽر حصو برف جي چادر سان دائمي ڍڪيل رهي ٿو. هتي موجود برف لڳ ڀڳ 28,50,000 مڪعب ڪلوميٽر آهي. گرين لينڊ جي اوچي ترين چوٽي گنبيورن فيالڊ آهي جنھن جي اوچائي 3700 ميٽر آهي.

گرين لينڊ جي اتر ۾ ڄميل سمنڊ، اوڀر ۾ گرين لينڊ سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ اتريون سمنڊ اوقيانوس، ڏکڻ اولھه ۾ آبنائي ڊيوس، اولھه ۾ بيفن بَي ۽ اتر اولھه ۾ نيريز آبنائي ۽ لنڪن سمنڊ موجود آهن.

صفا ويجهن ملڪن ۾ هڪ ته ڪينيڊا اٿس، جنھن سان گرين لينڊ جي اولھه ۽ ڏکڻ اولھه ۾ سامونڊي سرحد ۽ هانس ٻيٽ تي زميني سرحد آهي، جڏهن ته ٻيو ويجهو ملڪ آئس لينڊ آهي جيڪو ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي.

ٽن ڪلوميٽرن جي هڪ ٿلهي برف جي چادر گرين لينڊ کي ڍڪيو ويٺي آهي، ان چاندر جو وزن ايترو ته گهڻو آهي جو ان جي ڪري گرين لينڊ جي زمين دٻجي سمنڊ جي سطح کان به هيٺ ٿي وئي آهي.

گرين لينڊ جي آب هوا ٽنڊرا واري آهي (ٽنڊرا آب هوا جو مطلب قطبي آب ھوا). اندرونِ ملڪ هر وقت برف سان ڍڪيل رهي ٿو، اتي گرمي پد ٻڙي سينٽي گريڊ يا ان کان به گهٽ رهندو آهي.
اسين جيڪڏهن گرين لينڊ جي راڄڌاني نُڪ جو ذڪر ڪريون ته هتي گرمي جي موسم عام طور تي ٿڌي ۽ مختصر، پر سيارو معتدل هجي ٿو. گرمين ۾ به ان جو گرمي پد ايترو گهٽ رهي ٿو جو هتي ساوڪ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، رڳو اڇاڻ ئي ڏسجي ٿي.

گرين لينڊ جي برف کان آجَي علائقن ۾ لڳ ڀڳ 57 هزار ماڻهو آباد آهن.
آباديءَ جي لحاظ کان، مقامي انيوئٽ هتي 89.5 سيڪڙو آهن، جڏهن ته ڊينش 7.5 سيڪڙو رهن ٿا، باقي ننڍيون ننڍيون اقليتون آهن.
گرين لينڊ جا اصلوڪا رهاڪو انيوئٽ آهن. هي هتي ئي نه پر الاسڪا، ڪينيڊا، گرين لينڊ ۽ روس جي قطبي علائقن ۾ قديم زماني کان آباد آهن.
انيوئٽ اصل ۾ ٽُولي ماڻهن جو اولاد آهن. ٽُولي اهي هئا جيڪي روس بيرنگ پُل ذريعي هن پاسي لڏي اتر آمريڪا ۽ ان جي ڀرپاسي جي ملڪن ۾ پھتا، هتي جي سخت ٿڌي موسم سان ٺھي ويا. اهي ئي ماڻهو اسڪيمو آهن، پر اهي پاڻ کي اسڪيمو چوائڻ پسند نه ڪندا آهن. انيوئٽ گرين لينڊ جي آبادي جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو آهن، ٻين ۾ ڊينش، نورڊڪ ۽ ٻيا آهن.
ٽُوني ماڻهن لڳ ڀڳ 2700 ۽ 4900 سالن دوران آبنائي بيرنگ پار ڪئي هئي. اهو ڄاڻڻ دلچسپ هوندو ته اسان جي موهن جو دوڙو واري تھذيب به لڳ ڀڳ 4500 کان 5000 سال قديم آهي.
گرين لينڊ جي نالي جي ڪھاڻي به ڪافي دلچسپ آهي. ناروي جي هڪ شخص ايرڪ کي آئس لينڊ مان جلا وطن ڪيو ويو هو. هو پنھنجي جھازن تي چڙهي هڪ برفيلي علائقي ۾ وڃي پھتو ۽ اتي پناهه ورتائين. هن ماڻهن کي اتي آباد ٿيڻ لاءِ همٿايو، ان لاءِ ان هنڌ جو نالو گرائون لين رکيو، جنھن جو مطلب ڊينش ٻوليءَ ۾ سائي (سرسبز) ڌرتي آهي.

گرين لينڊ جي بنيادي معاشي سرگرمي ماهي گيري آهي. ان کان سواءِ ان کي ڊنمارڪ طرفان وڏي امداد به ملندي آهي، جيڪا ان جي مجموعي آمدني جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو ٿئي ٿي.

گرين لينڊ 1721 ۾ ڊينش اقتدارجي ماتحت ٿيو، جڏهن ڊنمارڪ _ناروي (جيڪي 1814 تائين هڪ ئي بادشاهت تحت هئا)هڪ مذهبي مشنري (مبلغن جي) مھم گرين لينڊا ماڻي. ان مھم انيوئٽ ماڻهن کي عيسائيت ۾ داخل ڪيو. بعد ۾ ڊنمارڪ_ناروي سامونڊي علائقن ۾ نئيون واپاري آباديون قائم ڪيون ۽ هتي واپار تي چڱ مڙسي ۽ ٻيون نو آبادياتي مراعتون لاڳو ڪيون. تڏهن کان گرين لينڊ ڊنمارڪ جي اقتدار هيٺ آهي.

گرين لينڊ ۾ تفويضي پارلياماني حڪومت آهي. ان جو بادشاهه ڊنمارڪ جو بادشاهه هجي ٿو، جڏهن ته عملي طور تي وزيراعظم حڪومت سنڀاليندو آهي.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ