کافی

کافی
ڪافي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ مشروب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ مشروب ڪافي آهي. ڪافي ماڻهن کي ڪم دوران چُست رکندي آهي ۽ لکين ماڻهو واندڪائي ۾ ان جو مزو ماڻيندا آهن. هي عالمي مارڪيٽ جو هڪ اهم جُز ۽ پيٽرول کان پوءِ ٻيو اهم ترين ڪاروبار آهي. ڪافي جو رنگ گهاٽو ٿئي ٿو، ذائقي ۾ ٿوري تلخ ۽ تيزابيت واري آهي. هي انسانن ۾ پنھنجي بنيادي جز ڪيفين جي ڪري سرگرمي پيدا ڪري ٿي. لفظ ڪيفين جي باري ۾ هتي اسان کي خبر هئڻ کپي ته هي ڪافي مان ڪڍيل آهي ۽ دنيا جي ٻين لفظن جيان هيءُ به اصل عربي ٻولي مان ورتل آهي. اسين ڪيترن ئي لفظن کي بنا تحقيق جي انگريزيءَ جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيندا آهيون. ڪافي کي ڪيترن ئي طريقن سان تيار ۽ پيش ڪري سگهجي ٿو. مثال طور ايسپريسو، فرانسيسي بريو ڪيفي آڻجي يا تيار ٿيل ڪافي جا ٽِن/ دَٻا يا بوتلن وغيره ۾ پيش ڪجي. چانھه جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه تلخ ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ تقريبن سڀ ماڻهو چانھه ۾ کير ۽ کنڊ شامل ڪندا آهن. اهڙي طرح ڪافي ۾ به عام طور تي کير، پائوڊر وارو کير ۽ ڪريم، کنڊ سان شامل ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪافي جي تلخي کي ڪجهه گهٽائي سگهجي ۽ ان ۾ ذائقو ۽ خوشبو پيدا ٿئي. ڪجهه ماڻهو بليڪ ڪافي، بنا کير ۽ کنڊ واري پسند ڪن ٿا. اڪثر گرم شربت طور استعمال ٿئي ٿي، پر ڪجهه ماڻهو ٿڌي برف جھڙي ڪافي کي ترجيح ڏيندا آهن. جيڪڏهن لفظ ڪافي کي ڏسجي ته نظر ايندو ته اهو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ساڳيو استعمال ٿيندو آهي، اردو ۽ هندي ۾ به. يورپي ملڪ ۾ ڊَچ قوم سڀ کان پھرين هن مشروب کي ‘ڪافي’ سڏيو. ڊَچ ٻولي ۾ اهو ئي لفظ ترڪيھ مان آيو جتي عثماني ترڪ هن مشروب کي “ ڪاهوي” سڏيندا هئا. انهن هي لفظ عربي ٻوليءَ مان کنيو جتي اهو “قهوه” چورائيندو هو. انگريزي ٻوليءَ ۾ به لفظ ڪافي 1582 ۾ ڊَچ ٻوليءَ مان داخل ٿيو. جيڪڏهن اسين قھوه جي پويان وڃون ته ڏسنداسين ته عربي لغت جا ماهر چون ٿا ته هي لفظ قھيي مان نڪتو آهي، جنھن جو مطلب آهي “ بک گهٽائڻ” يعني قھوه بک کي ماري ڇڏيندو آهي جيڪا ڪافي جي هڪ اهم خاصيت آهي. ڪافي هڪ ميوو آهي جڏهن ڪافي پيئڻ جو خيال اچي ته ذهن ۾ هڪ پِيٺل سنهي ناسِي رنگ جو ٻُورو اچي ٿو يا وري ناسِي رنگ جا داڻا. اهي ناسِي رنگ جا ان ڪري هوندا آهن جو انهن کي ڀُڃبو آهي. اصل ۾ ڪافي جي شروعات هڪ ميوي جي شڪل ۾ ٿيندي آهي. ان جو وڻ ڏهه پندرهن فوٽن تائين ٿئي ٿو ۽ جيستائين ان جي جاءِ والارڻ جو تعلق آهي ته ڪو ته ٻه گز ويڪرو هوندو ۽ ڪو وري ڇھه گز جاءِ به وٺي ٿو. انهن تي ڳاڙهو ٻير جي شڪل وارو ميوو ٿيندو آهي. انهن کي “ڪافي چيريز” چوندا آهن، جن ۾ ٻج هوندو آهي جنھن کي ڪڍي ڀُڃِي پوءِ پيھجي ٿو. نرسرين ۾ ڪافي جي پنيري لڳائبي آهي. سال کان پوءِ انهن کي زمين ۾ پوکجي ٿو، جتي وڌيڪ پنجن سالن تائين انهن جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ٻوٽن تي ميوو اچڻ شروع ٿئي ٿو، جنھن کي ‘ڪافي چيريز’ چوندا آهن. چيري اردو ٻولي ۾ به استعمال ٿئي ٿو، هونءَ ارود ۾ چيري جھڙي ميوي کي “ شاهه دانا”چوندا آهن. ان کي اسين ٻج يا دال به چئي سگهون ٿا. جڏهن اهو ڳاڙهو ميوو پچي وڃي ٿو ته ان مان ٻج ڪڍي ان کي ڀُڃجي ٿو جيڪو ڪافي طور استعمال ڪبو آهي. ڪافي جي ٻوٽي جا هزارين قسم آهن پر واپاري مقصدن لاءِ صرف ٻه نمونا استعمال ٿين ٿا .“ڪافي عربيڪا” (عربي ڪافي) ۽ “ ڪافي ڪينفورايا روبسٽا”. انهن ٻنهي قسمن جي ڪافي جا نمونا بازار ۾ به ملن ٿا. عربيڪا ڪافي عربيڪا ڪافي کي، عربي ڪافي به چئي سگهجي ٿو. هي هڪ گلن وارو ٻُوٽو آهي جيڪو “روبيا” (يورپي نسل جو ٻوٽو) جي خاندان مان آهي. اها پڪي ڳالهه آهي ته ڪافي جي هن قسم کي سڀ کان پھرين پوکيو ويو هو ۽ جديد دور ۾ ان جي سڀ کان گهڻي پوکي ٿئي ٿي، جيڪا عالمي پوکي جو تقريبن 60 سيڪڙو آهي. عربي ڪافي جي شروعات يمن کان ٿي جتي سڀ کان پھرين ان کي باقاعدي پوکيو ويندو هو. هي 12هين صدي عيسوي جي ڳالهه آهي. عربيڪا ڪافي کي عربي ٻوليءَ ۾ “البُن” چوندا آهن، اهو لفظ امھاري ٻوليءَ جو آهي جيڪا ايٿوپيا جي سامي نسل جي سرڪاري ۽ درٻاري ٻولي آهي. روبسٽا ڪافي عام طور تي هن کي روبسٽا ڪافي چوندا آهن پر ان کي “ڪينَي فر” به چيو ويندو آهي. ان جو اصل هنڌ آفريڪا جو وچ اولھه جي هيٺان وارو صحارا ريگستان آهي. هي ميويدار ٻوٽو “روبياڪا” خاندان مان آهي. ان جو سائنسي نالو “ڪافيھ ڪَني فورا” آهي جنھن جا ٻه بنيادي قسم “روبسٽا” ۽ “نگينڊا” آهن. عالمي پيداوار ۾ روبسٽا ڪافي جو حصو 43 سيڪڙو ۽ باقي حصو “عربيڪا ڪافي” جو آهي. انهن ٻنهي جي ٻجن ۾ ڪيترائي فرق آهن. روبسٽا جا ٻج، عربيڪا جي ڀيٽ ۾ تيزابيت ۾گهٽ پر گهڻا تلخ آهن. اهڙي طرح هي ڪاٺي جھڙا سخت آهن ۽ کائڻ ۾ ميوي جھڙو مزو به گهٽ آهي. ڪافي جي تاريخ ڪافي جي تاريخ ايڏي ته قديم ۽ منجهيل آهي جو پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته اها ڪڏهن دريافت ٿي. پر مستند روايتون جيڪي ملن ٿيون اهي 850 عيسوي تائين وڃن ٿيون. اهو دور ڪو گهڻو قديم ناهي. اسلام جي اچڻ کان تقريبن 300 سال پوءِ اها آندي وئي. چون ٿا ته “ڪالدي” نالي جي هڪ ايٿوپين ڌنار پنھنجي ٻڪرين جو معائنو ڪري رهيو هو جڏهن هن جون ٻڪريون عربيڪا جي ٽاريءَ مان ٻير (ميوو) کائينديون هيون ته اهي تمام چُست ٿي وينديون هيون. ڌنار پاڻ به اهي ٻير کاڌا ته هن به جسم ۾ ڪيفين جو اثر محسوس ڪيو. سو ڪالدي ڌنار جي ڪھاڻي حقيقي هجي يا خيالي، پر ايٿوپيا کي ڪافي جي جنم ڀومي سمجهيو وڃي ٿو. راڄڌاني عديس ابابا جي ڏکڻ اولھه ۾ 286 ميلن جي مفاصلي تي ڪافي جو علائقو آهي. هتي ڪافي جا وڻ انساني ڪوششن کان سواءِ ئي هر هنڌ ملن ٿا. جابلو جهنگ ۾ ان جا 5 هزار جي لڳ ڀڳ جهنگلي / پوکيل قسم موجود آهن. ڪافي جي دريافت جي هڪڙي ڪھاڻي يمن جي شيخ عمر سان منسوب آهي. عبدالقادر جي هڪ پُراڻي مسودي ۾ محفوظ تحرير مطابق “عمر” جيڪو دعا ذريعي بيمارين جو علاج ڪرڻ کان مشھور هو... اهو هڪ ڀيري يمن جي شھر الخُما جي هڪ ريگستاني غار ڏانھن سفر تي نڪتو. هي غار ازبيد شھر جي اوڀر ۾ 56 ميل پري هڪ هنڌ قُصاب جيڪو اڄ ڪلهه وُصاب جي نالي سان مشھور آهي... جي ويجهو هو. سفر دوران بُک عمر کي بيحال ڪري وڌو. اتي کيس هڪ ٽاريءَ ۾ ٻير جھڙو ميوو نظر آيو. هن اهي کائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏاڍا ڪَڙا هجڻ ڪري هو کائي نه سگهيو. هن ڪڙاڻ گهٽائڻ لاءِ انهن کي ڀُڃيو ته اهي سخت ٿي ويا. پوءِ وري هن انهن کي اوٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي نرم ٿي وڃن. سندس ان ڪوشش ۾ هڪ خوشبودار گهاٽو ناسي شربت ٺھِي پيو. اهو شربت پِي عمر زندگي ڏانھن موٽي آيو ۽ ٻئي ڏينھن اهو شربت ئي سندس جياپي جو ضامن هو. هن “معجزاتي شربت” جون ڪھاڻيون الخُما الپھتيون ته ماڻهن عمر کي واپس اچڻ جي درخواست ڪئي ۽ کيس هڪ بزرگ ۽ وليءُ طور تسليم ڪيو ويو. ڪافي پيئڻ جو پڪو ثبوت يا ڪافي جي وڻ جي ڄاڻ پندرهين صدي جي وچ ۾ ملي ٿي. اها ڄاڻ يمن جي احمد الغفار سان منسوب آهي. هتي عرب ۾ جھڙي طرح پھريون دفعو ڪافي جي ٻجن کي ڀُڃي ۽ پيھي ڪافي جو شربت تيار ڪيو ويو هو، بلڪل ساڳيءَ طرح اڄ به ڪافي تيار ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي. صوفي ڌرين ۾ ڪافي جو استعمال رات جو جاڳڻ ۾ مدد ڏيندو هو. اهڙي طرح اهي پنھنجون مذهبي رسمون سولائيءَ سان ادا ڪري سگهندا هئا. پوءِ ڪافي انهن جي عبادت جو لازمي حصو بڻجي وئي. شروع شروع ۾ يمن ۾ ڪافي جي ٻوٽي جي دريافت وارين روايتن ۾ اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. امڪان آهي ته ايٿوپيا کان بحيره احمر ذريعي واپار ڪندڙن ذريعي يمن ۾ آئي هجي. ڪتاب الطبقات الڪبير جي ليکڪ محمد ابنِ سعد جي روايت موجب هن شربت کي آفريڪي سامونڊي ڪنارن تان عدن آندو ويو هو. ٻي روايت موجب الطريقتھ الشاذليتھ جي ليکڪ علي بن عمر ڪافي کي سڀ کان پھرين عرب ۾ متعارف ڪرايو. هڪ ٻي روايت موجب ڪافي کي سڀ کان پھرين ايٿوپيا کان يمن برآمد ڪيو ويو . ان کي صوماليائي واپاري يمن کڻي ويا جيڪي “بربره” ۽ “زيلا”جا هئا. انهن هي ڪافي ايبي سينا ۽ هراري مان حاصل ڪئي هئي. عدن جو نو آبادياتي انگريز منتظم ڪيپٽن هينز، جيڪو هتي 1839ع کان 1854ع تائين رهيو، موجب 19هين صدي ۾ برطانوي قبضي کان پھرين المُخا ۾ ٻه ڀاڱي ٽي ڪافي بَربَره واپارين ذريعي درآمد ٿيندي هئي. بعد ۾ ايٿوپيا مان ڪافي جي برآمد برَبَره واپارين ذريعي عدن طرف ٿيندي رهي. سورهين صديءَ ۾ ڪافي باقي وچ اوڀر، ايران، تُرڪيھ ۽ اتر آفريڪا ۾ پھچي وئي. ننڍي کنڊ ۾ ڪافي جو ٻج ڳجهي نموني، الخما، يمن کان آندو ويو هو. انهن کي هڪ صوفي بابا ٻڍڻ حج تان موٽندي پاڻ سان گڏ آندو هو. شايد ان ڪري ته جيئن ان سان پنھنجون صوفياڻيون مشقون جاري رکي سگهي. ان کان اڳ برآمد ٿيندڙ ڪافي جي ٻجن کي اوٻاري يا ٻين طريقن سان نه پوکجڻ جوڳو بڻايو ويندو هو. بابا ٻُڍڻ جي ڪھاڻين موجب هن7 داڻا ڪافيءَ جي ٻج جا پنھنجي ڇاتيءَ سان ٻڌي ڇڏيا هئا. ان ٻج کي سڀ کان پھرين ميسور، هندستان ۾ پوکيو ويو. بابا ٻڍڻ سورهين صديءَ جو صوفي بزرگ هو ۽ هندو ۽ مسلمان ٻنهي لاءِ احترام لائق هو. سندس مقبرو بابا ٻڍڻ نگري، ڪرناٽڪا رياست، هندستان ۾ موجود آهي. سورهين صديءَ ۾ ئي ڪافي اٽلي ۽ پوءِ باقي يورپ، انڊونيشيا ۽ آمريڪا تائين پکڙجي وئي.

-

Comments
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ