وليو: ڪِنَي پاڻيءَ مان پکڙجندڙ بيماري

وليو: ڪِنَي پاڻيءَ مان پکڙجندڙ بيماري
وليو: ڪِنَي پاڻيءَ مان پکڙجندڙ بيماري

اڄ جڏهن دنيا جي ترقي عروج تي پھتل آهي، تڏهن پاڪستان ۽ افغانستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جيڪي پوليو جھڙي موذي مرض سبب بري طرح متاثر آهن. پاڪستان ۾ پٺاڻن جو گهر خيبر پختونخوا هن بيماري جي وڪڙ ۾ آهي. ڪھاڻيءَ جو سڀ کان افسوس جوڳو پھلو اهو آهي ته اتي گهڻا ماڻهو هن بيماريءَ کان بچاءُ واري ويڪسين خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن، جيڪا انهن جي ٻارن کي هن بيماريءَ کان بچائي سگهي ٿي، پر اهي پنھنجن غلط مفروضن جي بنياد تي ايئن ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ کين باقاعده آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو به چوڻ گهرجي ته ان سلسلي ۾ خود انهن جي پنھنجي تحقيق به انهن جي ٻارن جو مستقبل بچائي سگهي ٿي.
پوليو، جنھن جو پورو نالو پوليو مائيلائيٽس آهي، ڪِني پاڻي مان پکڙجندڙ بيماري آهي. اسين سڀ ڄاڻيون ٿا ته پاڪستان جي نلڪن ۾ ايندڙ پاڻي ايترو صاف ناهي هوندو جيترو هئڻ گهرجي. پائپ لائن ذريعي مھيا ٿيندڙ پاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جي گدلاڻ اچي وڃي ٿي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته عوام اقتداري اختيارين کان پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو مطالبو ڪن ته جيئن پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين مان جند ڇڏائي سگهجي.
جيڪڏهن اسين تاريخ ۾ پوئتي نظر وجهون ته هڪ رپورٽ موجب 20هين صديءَ جي وچ تائين پوليو وائرس دنيا ۾ موجود هو، جنھن سان هر سال 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت يا مفلوج ٿي ويندا هئا. ان جو ڪو اثرائتو علاج موجود نه هو، بيماريءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو، ان ڪري هڪ ويڪسين جي تڪڙي ضرورت هئي.
جيتوڻيڪ 1960 کانپوءِ کان هن بيماريءَ سان ڪنھن جي مرڻ جو ڪو اطلاع نٿو ملي، پر ان لکين ماڻهو معذور ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي سڀ ڄاڻين ٿا ته ماڻهن کي هن بيماريءَ کان محفوظ رکڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، ويڪسين!
مختلف بيمارين خلاف ويڪسين جو استعمال 15هين صديءَ کان ٿيندو پيو اچي. پھرين ويڪسين ماڻهن کي چيچڪ (ماتا) جي بيماريءَ کان بچائڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي.
سوال پيدا ٿئي ٿو ته ويڪسين آهي ڇا؟ ان جو آسان جواب اهو آهي ته ويڪسين ڪنھن خاص بيماريءَ لاءِ هڪ مادو آهي، جيڪو ان مخصوص بيماريءَ جي ڪمزور وائرس تي مشتمل هجي ٿو. جڏهن اهو مادو جسم ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ته اسان جو جسم ان ڪمزور وائرس کي منھن ڏيڻ جي لاءِ تياري وٺندو آهي ۽ پوءِ ان سان ان بيماريءَ خلاف قوت مدافعت وڌي وڃي ٿي.
ڪو چئي سگهي ٿو ته اسين پنھنجي ئي جسم کي دوکو ڏئي رهيا هوندا آهيون ته اسان جي اندر ڪو دشمن داخل ٿي رهيو آهي، ان ڪري وڙهڻ لاءِ سندرو ٻڌي وٺ! پر ايئن ڪرڻ سان ان کان به بھترين ڪم ٿي ويندو آهي. اسان کي ان ڳالهه جي سُڌ ملڻ کي الله طرفان تحفو سمجهڻ گهرجي. اهو سچ آهي ته ٻين دوائن جي ڀيٽ ۾ ويڪسين گهڻيون انساني جانيون بچايون آهن.
پھرين ڪامياب پوليو ويڪسين ڊاڪٽر جونارز سالڪ 1952ع کان 1955ع ڌاري ٽن سالن ۾ تيار ڪئي. تجربي لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي خاندان جي ماڻهن کي ڄاڻايل ويڪسين جا ٽُڪا هڻايا. 1954ع تائين لڳ ڀڳ 1.3 ملين (هڪ ڪروڙ 3 لک) ٻارن کي آزمائشي ٽُڪا هنيا ويا. 1960ع ۾ نامياري محقق البرٽ سبين جي تيار ڪيل پوليو ڦڙن جي منظوري ڏني وئي. ويڪسين جا اهي ڦڙا وات مان پياريا ويندا هئا يا کنڊ جون ڳَڙيون ٺاهي انهن ۾ وجهي استعمال ٿيندا هئا. انهن جو استعمال سڀ کان پھرين اڳوڻي سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ ۾ ڪيو ويو. چيڪوسلواڪيا اهو پھريون ملڪ آهي، جتان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿيو.

پوليو جو حملو
پوليو وائرس خاص طور تي حرام مغذ يا دماغ جي ان حصي، جيڪو ڪرنگهي جي هڏيءَ سان ڳنڍجي ٿو، کي متاثر ڪري ٿو. پنھنجي بدترين شڪل ۾ پوليو ڪنھن شخص جي ڪجهه عضون کي حرڪت ڏيڻ کان محروم ڪري سگهي ٿو، جنھن کي فالج / اڌ رنگ به چوندا آهن. ان کان سواءِ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن موت به ٿي سگهي ٿو. هن بيماريءَ کي ”پوليو مائلائيٽس“ به چيو ويندو آهي.
ڪجهه سالن ۾ ويڪسين جي ڪري عالمي سطح تي پوليو جا واقعا تمام گهٽجي ويا آهن، پر پوليو وائرس اڃا به انهن علائقن ۾ پکڙجي رهيو آهي، جتي ويڪسينيشن جي شرح گهٽ آهي.
پوليو جو خطرو آفريڪا، وچ اوڀر، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ گهڻو وڌيل آهي. واضح هجي ته ويڪسين پيئندڙ بالغ ماڻهوجيڪي اهڙن علائقن ۾ سفر ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، جتي پوليو پکڙجي رهيو هجي، انهن لاءِ مجھول (ڪمزور) پوليو وائرس جي ويڪسين (ان ايڪٽو پوليو وائرس_ آءِ پي وي) جي بوسٽر خوراڪ وٺڻ لازمي آهي. بوسٽر کان پوءِ قوتِ مدافعت سڄي ڄمار رهي ٿي. ان جو مطلب آهي ته هڪ شخص کي پنھنجي زندگيءَ ۾ هن ويڪسين کي ٻه ڀيرا ضرور وٺڻ گهرجي.

نشانيون/ علامتون
پوليو وائرس سبب متاثر ٿيندڙ اڪثر ماڻهن ۾ پوليو جون علامتون ظاهر نه ٿينديون آهن.

ڪچو پوليو
لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو ماڻهن ۾ ’ابارٽيو پوليو مائيلائيٽس يا ڪچو پوليو‘ (يعني اهو مرض جيڪو پنھنجي عروج تي نه پھتو هجي ۽ جلدي ختم ٿي ويو هجي) هوندو آهي. ان ۾ نزلي جھڙيون علامتون هجن ٿيون، جن جو مدو ٻن کان ٽي ڏينھن هوندو آهي. انهن ۾ هي علامتون به شامل آهن: بخار، مٿي جو سُور، عضون ۾ سُور، ڳلي جي سوڄ، پيٽ جو سُور، بک ختم ٿي وڃڻ، دل ڪچي ٿيڻ، الٽي اچڻ.

بنا فالج پوليو
اهو هن بيماري جو ٿورو وڌيڪ شديد شڪل وارو بنا فالج پوليو آهي، جيڪو متاثر ماڻهن مان لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو کي متاثر ڪندو آهي. جيتوڻيڪ بيماري چند ڏينھن کان وڌيڪ رهي ٿي، پر ان سان فالج نٿي ٿئي. شديد نزلي سان گڏ بنا فالج پوليو ۾ هي علامتون به ٿي سگهن ٿيون:
ڪنڌ ۾ سُور يا ڇڪاءُ، ٻانھُن يا ٽَنگُن ۾ سُور يا ڇڪاءُ، شديد مٿي جو سُور.
علامتن جو ٻيو مرحلو به شروع ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ کان اڳ ڪجهه ڏينھن تائين ايئن لڳندو آهي ڄڻ مرض بھتر ٿي رهيو آهي. انهن علامتن ۾ هي شامل آهن:
ڪنڌ ۽ ڪرنگهي جي هڏيءَ ۾ ڇڪاءُ، بنا ارادي جي عمل (جيئن ڪا شئي اسان سان ٽڪرائجڻ واري هجي ته روڪڻ لاءِ اسين هٿ وڌائي ڇڏيندا آهيون) ۾ گهٽتائي ٿيڻ، عضون جي ڪمزوري.

فالجي پوليو
اها هن بيماريءَ جي بدترين شڪل آهي پر شڪر آهي جو ايڪڙ ٻيڪڙ ٿئي ٿي. هن بيماريءَ جي شروعات بنا فالج پوليو وانگر ئي ٿئي ٿي پر وقت سان گڏ مرض جي علامتن ۾ شدت اچي ويندي آهي، جيئن :
شديد مٿي جو سُور
حساسيت
سُن ٿيڻ يا اٽڪار محسوس ٿيڻ
پَٺَن / مسلز ۾ ڇڪاءُ
ڪمزوريءَ سبب عضون جو مفلوج ٿي وڃڻ.
هونءَ ته هڪ ئي وقت ۾ ڪن به ٻن عضون تي فالج جو حملو ٿي سگهي ٿو، پر عام طور هڪ ٽنگ يا هڪ ٻانھن مفلوج ٿي ويندي آهي.
بيماريءَ جي شدت جي بنياد تي ٻيون علامتون به شامل آهن، مثال طور:
ساهه کڻڻ ۾ استعمال ٿيندڙ عضون جو مفلوج ٿي وڃڻ
ڳِيت ڏيڻ / ڳِھَڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ

پوليو کان پوءِ جون علامتون
پوليو کان پوءِ ڪجهه نئيون علامتون ظاهر ٿينديون آهن، يا ڪجهه مسئلا وڌي ويندا آهن. ايئن عام طور پوليو ٿيڻ کان ڪيترائي ڏهاڪا پوءِ ٿيندو آهي. ان جون عام نشانيون هي آهن:
لاڳيتو پَٺن /مسلز ۽ سَنڌَن ۾ ڪمزوري ۽ سُور
ٿڪاوٽ
عضلات جو ڳري ختم ٿي وڃڻ.
ساهه کڻڻ ۽ ڳِيت ڏيڻ / ڳِھڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ
سمهڻ وقت ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي يا ساهه ٻوساٽجڻ
ٿڌ جي برداشت گهٽجي وڃڻ

ڊاڪٽر وٽ ڪڏهن وڃڻ گهرجي
پوليو جون علامتون اعصابي نظام کي متاثر ڪندڙ ٻين وائرل بيمارين سان ملندڙ جلندڙ هونديون آهن. ان ڪري وقت سر ۽ درست تشخيص ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنھن شخص کي پھرين ڪڏهن پوليو هو ۽ ان کي ڪجهه نئيون يا بدترين علامتون محسوس ٿين ته ان کي هڪدم ڊاڪٽر وٽ وڃڻ گهرجي.

سبب
پوليو هڪ وائرس جو سبب بڻجندو آهي. اهو بنيادي طور ڪرنگهي جي هڏي ۽ دماغ جي رڳن جي خلين کي نشانو بڻائي ٿو، جيڪي پَٺن/مسلز، رڳن جي حرڪت تي اختيار رکن ٿا. حسيات تي اختيار رکندڙ اعصابي خليا عام طور تي متاثر ناهن ٿيندا.
قدرتي طور تي پوليو وائرس، جنھن کي بي لغام پوليو وائرس (وائلڊ پوليو وائرس) به چوندا آهن، اهو گهڻن ملڪن مان ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان جا تمام ئي گهٽ واقعا سامهون اچن ٿا. وائرس جو هڪ قسم ٻيو به آهي جنھن کي ويڪسين مان حاصل ڪيل پوليو وائرس (پوليو ڊيرايوڊ پوليو وائرس يا وي ڊي پي وي) چوندا آهن، اها هڪ وچڙندڙ بيماري آهي ۽ عالمي سطح تي پوليو جي پکڙجڻ جوسڀ کان وڏو سبب آهي. وي ڊي پي وي بنيادي طور تي انهن چند ملڪن ۾ موجود آهي جتي ”ڪمزور پوليو وائرس“ ويڪسين جا ڦڙا وات ذريعي پياريا ويندا آهن.
هڪ سوال اٿي ٿو ته ڇا ويڪسين سان به بيماري ٿي سگهي ٿي؟ ته ان جو جواب هيٺ ڏجي ٿو:
وات ذريعي ورتل ويڪسين ۾ (مئل نه پر) ڪمزور وائرس هوندوآهي، پر واضح رهي ته اهو پوليو جو سبب ناهي بڻجندو ۽ ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهو وِرلي ئي ”وي ڊي پي وي“ سان ماثر ٿيندا آهن. ان جي ابتڙ ” وي ڊي پي وي“ وائرس جو هڪ ٻيو نئون قسم آهي، جيڪو اهڙن علائقن ۾ پکڙجندو آهي جتي ماڻهن جو وڏو تعداد ويڪسين ورتل ناهي هوندو.
هونءَ ته وات ذريعي ورتل ڪمزور وائرس واري ويڪسين بيماريءَ جو سبب ناهي بڻجندي پر ان سان به پوليو پکڙجي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ علائقي جي اڪثريت ويڪسين ورتل ناهي ته ڪمزور وائرس پکڙجڻ تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
ويڪسين نه لڳل هجڻ جي صورت ۾ ڪمزور وائرس ان علائقي ۾ ڊگهي عرصي تائين ديرا ڄمائي وٺندو، ايئن وائرس کي تبديل ٿيڻ يا مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. اهو بي لغام وائرس وانگر بيماريءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
هوڏانھن گڏيل آمريڪي رياستن ۾ ”وي ڊي پي وي“ سبب انفيڪشن جا اطلاع مليا آهن. تحقيق بعد پتو پيو ته هر اهڙي واقعي ۾ متاثر شخص کي يا ته ويڪسين لڳل نه هئي يا ان جو پنھنجو مدافعتي نظام ڪافي ڪمزور هو.
هاڻي سن 2000ع کان گڏيل آمريڪي رياستن ۾ پوليو ويڪسين مرڪز هڪ لنج منج (غير متحرڪ) پوليو وائرس، جنھن کي توهان مئل وائرس چئي سگهو ٿا، اهو ڪمزور کان به ڪافي ضعيف آهي، ان جي انجيڪشن ٺاهي آهي، جيڪا ”وي ڊي پي وي“ جو خطرو بلڪل به نٿي بڻجي.
[لنج منج (ڊي ايڪٽيويٽڊ) وائرس تيار ڪيو ويندو آهي جيڪو مئل ته ناهي هوندو پر ان ۾ زندگي نالي ماتر هوندي آهي ته جيئن انساني جسم جو مدافعتي نظام ان کي سڃاڻي سگهي، بلڪل مئل وائرس سڃاڻپ جوڳو ناهي هوندو]

پوليو ڪيئن پکڙجندو آهي
پوليو ۽ ٻين بيمارين جا وائرس هر وقت ماڻهن تي حملو ڪندا رهندا آهن پر اهي گهڻن ماڻهن جي بھتر مدافعتي قوت جي ڪري انهن کي بيمار ناهن ڪري سگهندا.
اهڙا ماڻهو جن ۾ پوليو وائرس ته آهي پر اهي ان جا مريض نه آهن ته اهي وائرس کنيو پيا گهمندا آهن ۽ ان جي سواري بڻيل هوندا آهن. اهي ماڻهو هن وائرس کي پنھنجي ڇِڪَ/ نِڇ، کنگهه سبب نڪرندڙ ڇنڊن واري ٿڪ جي بوندن ۽ پنھنجي فُضلي سان ٻين ۾ منتقل ڪري سگهن ٿا. مثال طور جيڪڏهن انهن سوارين کنگهڻ، نِڇ ڏيڻ يا بيت الخلا / ڪاڪوس استعمال ڪرڻ کان پوءِ بنا هٿ ڌوئڻ جي کائڻ پيئڻ جي شين کي هٿ لاتو / ڇھيو ته ان سان وائرس پکڙجي سگهي ٿو.
هي وائرس گٽر جي پاڻيءَ سان به پکڙجندو آهي جنھن ۾ پوليو وائرس وارو فضلو هجي ٿو. اسين سڀ ڄاڻيون ٿا ته پاڪستان جي اڪثر شھرن ۾ تازي پاڻي سان گڏ گٽرن جو پاڻي به ملي ويندو آهي.

خطرا
پوليو بنيادي طور ٻارن کي متاثر ڪندو آهي، پر جيڪو به ويڪسين نه لڳرائيندو ان جي هن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻا هجن ٿا.

علاج ۾ ڏکيائيون
بيماريءَ جي شدت جڏهن ساهه کڻڻ ڏکيو بڻائي ڇڏي ته پوءِ ماڻهو مري سگهي ٿو، پوءِ هن بيماريءَ مان صحتمند ٿيندڙ ماڻهو ڊگهي مدي تائين پيچيدگين کي به ڀوڳي سگهن ٿا، جيئن:
سڄي ڄمار لاءِ مفلوج ٿي وڃڻ
پَٺَن/ مسلز جي ريشن جو سُسي وڃڻ، جنھن سان هڏا ۽ جوڙ ٽيڏا ٿي ويندا آهن.
دائمي سُور
پوليو کان پوءِ جا مسئلا

احتياطي تبديرون
پوليو کان بچڻ جو موثر ترين طريقو ويڪسينيشن ئي آهي.
پوليو مرڪز ٻڌائي ٿو ته ويڪسين ڪھڙي عمر ۾ لڳرائي وڃي:
پھرين ٻن مھينن ۽ ٻي چئن مھينن جي عمر ۾
ان کان پوءِ 6 ۽ 18 مھينن جي وچ ۾
۽ پوءِ 4 ۽ 6 سالن جي ڄمار جي وچ ۾ جڏهن ٻار اسڪول وڃڻ جي عمر کي پھچن ٿا.
جيڪڏهن توهان وٽ ڪنھن ٻار انهن مان ڪا به ويڪسين ناهي ڪرائي ته پنھنجي ويجهي صحت مرڪز سان رابطو ڪري ان جي خوراڪ پوري ڪرائي وٺو.

بالغ ماڻهو
اهڙا بالغ ماڻهو جن جي رهائش پوليو متاثر علائقو آهي، يا جتي اهي رهن ٿا اتي پوليو وائرس پکڙيل آهي ته انهن کي ويڪسن لڳرائڻ گهرجي.
جيڪڏهن توهان پنھنجي ويڪسين جو ڪو ڪورس مڪمل ڪري ورتو آهي ته به توهان هڪ ڀيرو ڪمزور پوليو وائرس ويڪسين جو بوسٽر لڳرايو. جيڪڏهن توهان کي ڪمزور پوليو ويڪسين ناهي لڳل، يا ڪورس مڪمل ناهي ٿيل، يا توهان کي ياد ئي ناهي ته ڪڏهن لڳي هئي ته توهان کي ٽي خوراڪون وٺڻيون پونديون.
بالغ ماڻهو ”آءِ پي وي“ جي پھرين خوراڪ وٺڻ جي هڪ کان ٻن مھينن کان پوءِ ٻي خوراڪ وٺن. ٽين خوراڪ ٻي خوراڪ جي ڇھه کان ٻارهن مھينن کان پوءِ وٺبي. جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته توهان جي پوليو ويڪسينيشن اڻپوري آهي ته صحت مرڪز سان رابطو ڪريو.

ڇا پوليو ويڪسين محفوظ آهي؟
آءِ پي وي ڪمزور مدافعتي نظام وارن ماڻهن لاءِ محفوظ آهي، پر اها خبر ناهي ته شديد ڪمزور مدافعتي نظام جي صورت ۾ ويڪسين ڪيتري فعال آهي.
ويڪسين جي رد عمل (ري ايڪشن) جي صورت ۾ انجيڪشن لڳل جاءِ تي سور محسوس ٿيندو ۽ اها جاءِ ڳاڙهي ٿي سگهي ٿي.
”آءِ پي وي“ سان ڪجهه ماڻهن کي الرجي ٿي سگهي ٿي، ڇو جو ويڪسين ۾ اينٽي بائيوٽڪ اسٽرپٽو مائيسين، پولي ميڪسين بي ۽ نيو مائيسين جو مقدار به هوندوآهي. ان ڪري انهن اينٽي بائيوٽڪ مان ڪنھن هڪ کان الرجڪ ماڻهن کي رد عمل (ري ايڪشن) ٿي سگهي ٿو. هن پوليو ويڪسين جي پھرين خوراڪ سان شديد ري ايڪشن جو شڪار ماڻهن کي ويڪسين جي وڌيڪ خوراڪ نه وٺڻ گهرجي.
ڏٺو ويو آهي ته الرجڪ ري ايڪشن پھرين خوراڪ جي چند منٽن يا ڪجهه ڪلاڪن اندر ٿئي ٿو. ان جون علامتون هي آهن:
چمڙي تي ڳاڙها چُٽا پوڻ، کاڄي/ خارش ٿيڻ ۽ چمڙي ڦڪي ٿي وڃڻ.
رت جو دٻاءُ گهٽجڻ (هائپو ٽينشن_لو بلڊ پريشر)
ساهه واري نالي سوڙهي ٿيڻ، زبان ۽ ڳلي جي سوڄ، جنھن سان گهوگهراهٽ ٿئي ۽ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.
نبض جو تيز يا هلڪو هلڻ.
دل خراب ٿيڻ، الٽي اچڻ يا دست ٿيڻ
چڪر اچڻ يا بي ھوش ٿي وڃڻ.
جيڪڏهن توهان يا توهان جي ٻار کي ڪنھن به ويڪسين لڳڻ کان پوءِ الرجي جون علامتون ظاهر ٿين ته هڪدم طبي امداد حاصل ڪريو....
……………………
نوٽ:
هن مضمون ۾ جيڪو ڪجهه به ٻڌايو ويو آهي، اهو موجوده اطلاعن تي مشتمل آهي. نئين تحقيق کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿيو هجي. تمام ضروري آهي ته ڪنھن به علامت جي ظاهر ٿيڻ تي پنھنجي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو. مٿي ڏنل معلومات صرف آگاهي آهي، علاج لاءِ نه.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ